167

انساني جسم تي کاڌن ۽ غذائن جو منفي اثر…

ليکڪ:  ساجد سهتو

کاڌن جو جسم تي وڏو اثر پوي ٿو. کاڌا صحتمندي ڏين ٿا، طاقت سان گڏ عمر وڌائين ٿا ۽ صحتمند سماج کي مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ايڊيسن جو قول آھي ته ”توھان مون کي بھترين بورچيخانو ڏيو، مان توھان کي بھترين قوم ڏيان“ مطلب اھو نڪتو ته سٺن کاڌن سان جتي جسم خودڀر رھي ٿو، اتي ذھن ھاڪاري اثر مرتب ڪري ٿو. بيمارين کي دور ڪن ٿا ۽ پوڙھائپ ۾ ڪنھن جو محتاج نٿا ڪن. ھتي اھڙن اسمن جو ذڪر ڪجي ٿو جيڪي عمر کان پھرين پوڙھو نٿا ڪن. کنڊ ۽ مٺا کاڌا: مٺا کاڌا مزيدار ٿين ٿا پر صحت لاءِ نقصانڪار ٿين ٿا. کنڊ اسان جي پروٽين ۽ چرٻي کي کٽائي ٿي جيڪي ماڻهو روز ٽن کان مٿي چانھيون پين ٿا، اھي جسم مان پروٽين کي ختم ڪري ڇڏين ٿا، جڏھن ته پروٽين جسم کي تازي تواني رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، وڌيڪ مٺاڻ کائڻ شگر ۽ ٿولهھ جو شڪار ڪري ٿي، نتيجي طور وڏيون بيماريون ڪر کڻن ٿيون. پاڻ کي صحتمند رکڻ لاءِ کنڊ ۽ کنڊ وارين شين بدران ميون تي زور ڏجي ته جيئن صحتمند ۽ جوان رھجي. تريل کاڌا ۽ تيز کاڌا: تريل ۽ تيز کاڌا اسان جي جسم ۾ رت جي وھڪري کي سست ڪن ٿا، رڳن کي سوڙھو ڪن ٿا، رڳن جي کل کي ٿلهو ڪن ٿا ۽ انهن کي بلاڪ ڪن ٿا. جيڪڏھن رت جي وھڪ جو نظام رخني جو شڪار ٿي وڃي ۽ ٺيڪ نموني ڪم نه ڪري ته چمڙي تي ناڪاري اثر پون ٿا ۽ عمر کان پھرين گهنج پوڻ شروع ٿي وڃن ٿا، ان ڪري روز تريل کاڌن ۽ تيز کاڌن کان پرھيز ڪرڻ کپي. صحتمند سڻڀ جو استعمال نه ڪرڻ: صحتمند سڻڀ وارا کاڌا استعمال نه ڪرڻ سان چمڙي تي گهنج اچڻ جلدي شروع ٿي وڃن ٿا، ان ڪري صحتمند سڻڀ واريون شيون جيئن بادام، نيزا، پستا، اخروٽ، تخم بالا، السي ۽ سبز پنن واريون سبزيون استعمال ڪرڻ کپن، جيڪي چمڙي جي سوڄ کي ختم ڪن ٿيون ۽ رڳن کي بغير چرٻي ڏيڻ جي سڻڀيون رکن ٿيون ۽ چمڙي جي مردار گهرڙن کي ختم ڪري چمڙي جي رونق کي بحال رکن ٿيون. لوڻ: لوڻ جو استعمال جلدي پوڙھائپ ڏي آڻي ٿو. مڇي کي ترڻ کان پھرين لوڻ سان ڌوتو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ ترڻ يا ڀاڄي ٺاھڻ وقت وري ان ۾ لوڻ وڌو وڃي ٿو جيڪو جسم لاءِ نقصانڪار آھي. نارنگي بغير لوڻ کائڻ سان رت جي چاڙھه کي ختم ڪري ٿي پر اسان وٽ نارنگي کي ڪٽي لوڻ کي ٻرڪي رت جي چاڙھه کي دعوت ڏني ويندي آھي، ساڳئي نموني زيتون رت جي چاڙھه کي دور ڪري ٿو پر اسان وٽ ان مٿان لوڻ جو ٻرڪو ڏئي ان کي نقصانڪار بڻائڻ لازمي ھوندو آھي. ليمي جو پاڻي رت جي چاڙھه کي ھٽائي ٿو ۽ چمڙي کي تازو رکي ٿو پر اسان وٽ ان ۾ به لوڻ وجهي ان کي ناڪاري بڻايو وڃي ٿو. اسان وٽ روز خوراڪ ۾ شامل گهڻو لوڻ اسان جي جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ڪري ٿو، رڳن کي ڇوت ڏئي ٿو ۽ رت جي چاڙھه کي وڌائي ان کي مستقل ڪري ٿو. جڏھن لوڻ جسم جي پاڻي کي جذب ڪرڻ لڳي ٿو نتيجي طور پوڙھائپ در تي پير رکي ٿي. مرحلاتي کاڌا: بازار ۾ ملڻ وارا مرحلاتي کاڌا جيئن برگر، پڪوان يا ٻيون اھڙيون شيون ٻارن کي پسند ھونديون آھن، اھي چرٻي تي مشتمل ھونديون آھن، جيڪي جسم جي پاڻي کي کٽائين ٿيون ۽ چمڙي کي خشڪي طرف لاڙو ڏين ٿيون. خشڪي جسم لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿي.  سڙيل کاڌا: اھڙا کاڌا جيئن ڪڙھائي ۽ چرغو وغيره جيڪي باھه تي جلن ٿا ۽ ترجڻ بعد ڪاراٽجن ٿا، اھي صحت کي نقصان ڏين ٿا، نتيجي طور جسم جا ڪولاڄا Colagen ختم ٿيڻ لڳن ٿا ۽ پوڙھائپ غالب ٿيڻ لڳي ٿي.  چانھه ۽ قھوو: چانھن ۽ ڪافي ۾ قھو اسان جي جسم کي خشڪ ڪري ٿو ۽ چمڙي کي قدرتي سڻڀ کان محروم ڪري ٿو. ان ڪري چانھه ۽ ڪافي گهٽ استعمال ڪرڻ کپي. چانھه ۽ ڪافي کي گهٽ استعمال ڪرڻ سان پوڙھائپ دير سان اچي ٿي ۽ گهڻي استعمال سان ردعمل ابتو ٿي وڃي ٿو. تيز مصالحن وارا کاڌا: اڄ ڪلهھ اسان جنھن دور مان گذرون ٿا پيا اھو سماجي اظھار Social media جو دور آھي. يوٽيوب تي کاڌن جون ويبسائيٽون ھلن ٿيون پيون، سڀ جو سڀ مصالحن جون قائل آھن. ھڪ کاڌي ۾ گنج مصالحا پون ٿا جيڪي جسم جي پاڻي کي کٽائي سگهن ٿا. مصالحا مزيدار ٿين ٿا پر صحت کي خراب ڪن ٿا، انهن کي کائڻ سان چمڙي تي ڳاڙھاڻ اچي ٿي، چمڙي ۾ خشڪي اچي ٿي، جسم جو پاڻي کٽي ٿو ۽ پوڙھائپ اچڻ لڳي ٿي. اھي کاڌا ڪڏھن ڪڏھن استعمال ڪجن ۽ انهن مٿان پاڻي ضرور پيئجي جيئن جسم جو پاڻي نه کٽي ۽ خشڪي نه اچي. گهٽ پاڻي پيئڻ: گهٽ پاڻي پيئڻ گهنجن کي دعوت ڏيڻ آھي جنھن سان جسم  خشڪ ٿيندو ۽ بيماريون وڌنديون. جيڏي مھل اڃ لڳي پاڻي پيئجي ۽ ناغو نه ڪجي پر ھڪ وقت گهڻو پاڻي نه پيئجي.ان ڪري چوندا آهن ته ”تندرستي هزار نعمت آهي“ اسان کي گهرجي ته پنهنجي صحت جو وڌ کان وڌ خيال رکون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو