159

ايران-آمريڪا ائٽمي ٺاهه بحال ڪرڻ ڪيترو ڏکيو هوندو؟

ليکڪ:  فراز هاشمي

اسان سپاهين وانگر آهيون ۽ اسان جون آڱريون هر وقت ٽريگر تي آهن، ڪمانڊر جو حڪم ملڻ جي دير آهي ۽ اسان گولي هلائڻ لاءِ تيار آهيون، اسان ان لاءِ تيار آهيون ۽ اسان کي جيئن حڪم مليو ۽ جيترو جلد ممڪن ٿيو اسان، 20 سيڪڙو يورينيم واڌ شروع ڪري ڇڏينداسين، اهو بيان ايران طرفان يورينيم واڌ جي سطح کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي اعلان کان ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا مان تعليم مڪمل ڪندڙ ايران جي غير دفاعي ائٽمي توانائي اداري جي سربراهه علي اڪبر اصلاحي ڏنو هو، آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ايران طرفان يورينيم جي واڌ واري اعلان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو هو ته اهو ايران طرفان ائٽمي زبردستي واري پاليسي جو حصو آهي، ايران حڪومت جي هڪ ترجمان علي ربي ميڊيا کي ٻڌايو هو ته يورنيم جي 20 سيڪڙو تائين واڌ جو ڪم فردو واري ائٽمي پلانٽ ۾ شروع ڪيو ويو آهي، صدر حسن روحاني يورينيم واڌ وڌائڻ جو حڪم ڏيندي چيو هو ته ويجهڙ ۾ ئي منظور ٿيندڙ نئين قانون تحت هو ان ڳالهه جا پابند آهن ته ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 120 ڪلو يعني 20 سيڪڙو يورينيم واڌ جا ذخيرا يقيني بڻايا وڃن، ايراني پارليامينٽ ملڪ جي انتهائي اهم ائٽمي سائنسدان محسن فخري زاده جي موت کانپوءِ ائٽمي پروگرام بابت هڪ نئون قانون منظور ڪيو هو، ايران جو الزام آهي ته محسن فخري زاده کي اسرائيل قتل ڪيو آهي، گذريل سومر تي ائٽمي توانائي جي عالمي اداري آءِ اي اِي اي ايران طرفان ان بابت اطلاع ڏيڻ جي تصديق ڪئي هئي، ايران جي ان اعلان تي يورپي يونين، چين ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ ايران سان ٿيندڙ ائٽمي ٺاهه کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هڪ طرف ايران جي حڪومت يورينيم واڌ کي وڌائڻ جي اعلان سان دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انتهائي سخت معاشي پابندين ۽ عالمي ۽ علائقائي طاقتن طرفان کليل اڳڀرائي باوجود هن اڃا تائين گوڏا نه کوڙيا آهن، ٻئي طرف ايران جي حڪومت ۽ خاص طور تي پرڏيهي وزير طرفان جاري ڪيل تازن بيانن ۾ ڳالهين جو دروازو کليل رکڻ جو چٽو اشارو به ڏنو ويو آهي، پرڏيهي وزير جواب ظريف طرفان ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران يورينيم واڌ کي 20 سيڪڙو تي کڻي وڃي رهيو آهي پر گڏوگڏ هن چيو ته ان کي واپس به آڻي سگهجي ٿو. جواد ظريف جو اهو چوڻ ته يورينيم واڌ کي واپس به ڪري سگهجي ٿو، چٽو اشارو ڏئي ٿو ته هو 5 عالمي طاقتن ۽ گڏيل قومن سان ٿيندڙ ٺاهه تي عمل لاءِ تيار آهن، پر شرط اهو آهي ته ٽرمپ انتظاميا طرفان لڳايل پابندين کي هٽايو وڃي.انهن سمورين حالتن ۽ واقعن کي سامهون رکندي معاشي ۽ دفاعي لحاظ سان پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن لاءِ ان انتهائي اهم معاملي بابت ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو آهي، پهريون ته اهو ته ايران جيڪڏهن ائٽمي پروگرام تي ٺاهه کي بحال ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته پوءِ هو آمريڪا ۾ نئين حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ سخت قدم ڇو کڻي رهيو آهي ۽ هو ان مان ڇا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ٻيو ته نئون چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن ايران جي ائٽمي پروگرام تي ٺاهه کي بحال ڪرڻ بابت بيان ڏئي چڪو آهي ان لاءِ اهڙو ٺاهه بحال ڪرڻ ڇا ايترو آسان هوندو؟ ٽيون اهم سوال اهو آهي ته هن ٺاهه کي بحال ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي سگهي ٿو؟ ايران يورينيم واڌ کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ تازي اعلان سان ڇا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ ان بابت آمريڪا ۾ ڪي ٽو انسٽيٽيوٽ جي دفاعي ۽ پرڏيهي معاملن واري شعبي سان لاڳاپيل تجزيي نگار سحر خان ۽ پاڪستان جي ڊاڪٽر اي ايڇ نئير جو چوڻ هو ته ايران اهڙو عمل سوديبازي لاءِ ڪري رهيو آهي، ڊاڪٽر اي ايڇ نئير جو خيال آهي ته ايران پراڻن ٺاهن کي ئي بحال ڪرائڻ چاهيندو ۽ هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته ان کي نين ڳالهين ۾ الجهڻو پوي يا وري ڪي نيون شرطون لڳايون وڃن، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران کي نئين سري سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون ته ان کي نقصان به ٿي سگهي ٿو، اڳوڻي صدر اوباما جي دور ۾ 14 جولاءِ 2015ع ۾ طئه ٿيل ٺاهه ۾ ” سن سيٽ ڪلاز“ يا اهڙو شقون شامل هيون، جن تحت ڪجهه پابندي هڪ طئه ڪيل مدي لاءِ هئي، جنهن کانپوءِ ايران کي ائٽمي پروگرام جي حوالي سان ڪيتريون ئي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ،جيڪڏهن ڪو ملڪ يورينيم کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺي ته پوءِ ان کي 90 سيڪڙو تائين وڃڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو