172

سنڌ ڪابينا پاران هائوسنگ منصوبن سميت ٻيا بهتر فيصلا…..

ايڊيٽوريل

سنڌ ڪابينا جو وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريشن ليٽر ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020ع جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪابينا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت هيڊ ماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سليڪشن وارو معاملو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڪابينا اجلاس ۾ چيو ويو ته ايس پي ايس سي جي سليڪشن تائين هيڊ ماستر ڪانٽريڪٽ تي ڪم جاري رکندا،گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ڪابينا سڪسيس ايڪٽ 1925ع واري ترميمي بل جي منظوري ڏيندي ايڊمنسٽريشن ليٽر ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ سڌي ريت نادرا مان جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اجلاس ۾ آبپاشي چئنلن، زمينن ۽ ڪالونين تي قبضن بابت صوبائي وزير سهيل انور سيال آگاهي ڏني، جنهن بعد ڪابينا حددخليون ختم ڪري تجارتي سرگرميون شروع ڪرڻ واري تجويز منظور ڪندي کاتي کي هدايت ڪئي ته حددخليون هٽائڻ وارو عمل تيز ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪابينا ڪراچي اندر ڪچين آباد ۾ گهٽ ۽ وچولي لاڳت واري هائوسنگ زمين جي نشاندهي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي، جتي گهٽ قيمت وارا هائوسنگ منصوبا شروع ڪري سگهن، ڪاميٽي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، شبير بجاراڻي ۽ مڪيش چاولا شامل آهن.

اسان سنڌ ڪابينا پاران هيڊ ماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم نه ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، ڇو ته ملڪ ۾ هڪ طرف مهانگائي هزاروڻ تي وڌي وئي آهي ته ٻئي طرف بيروزگاريءَ جو هڪ طوفان آيل آهي، جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ وڌيڪ 2000 هيڊ ماسترن ۽ هيڊ ماسترياڻين جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿئي ها ته صوبي اندر وڌيڪ ٻه هزار گهرن جون چلهيون وسامي وڃن ها ۽ جيڪڏهن ڪٽنبي صورت ۾ ان جي ڳڻپ ڪجي ته گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 12 هزار ماڻهو اهڙي فيصلي سان متاثر ٿين ها، ان ڪري سنڌ حڪومت عدالتي حڪم کي مان ڏيندي هڪ بهتر فيصلو ڪيو آهي ۽ اسان اها به اميد ڪريون ٿا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پڻ ان حوالي سان بهتر ۽ ميرٽ وارا فيصلا ڪندي. صوبائي حڪومت پاران ڪراچي ۾ ڪچين آبادين اندر گهٽ ۽ وچولي لاڳت وارن منصوبن شروع ڪرڻ جو فيصلو به انتهائي هاڪاري فيصلو آهي، اسان سمجهون ٿا ته موجوده دور ۾ جتي ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن غربت جي لڪير کان هيٺ ويندڙ ماڻهن جي آبادي وڌي رهي آهي، اتي هڪ ماڻهو لاءِ اجهو اڏڻ تمام ڏکيو عمل آهي، جيڪڏهن صوبائي حڪومت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ان قسم جا منصوبا شروع ڪري ته اڃا وڌيڪ وقتائتو ۽ بهتر قدم ٿيندو ۽ ان سان غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڇت حاصل ڪري سگهندا، اهڙي فيصلي تي جلد کان جلد عمل به ڪيو وڃي، ڪابينا سنڌ اندر واهن ۽ ڪئنالن جي ڪپرن تي ويٺلن ۽ آبپاشي جي زمينن تي آباد ماڻهن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ واري فيصلي جي به منظوري ڏني آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان قسم جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ آباد غريبن ماڻهن جي متبادل جو بندوبست ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان قسم جو آپريشن سکر سميت سڄي سنڌ ۾ هلندڙ آهي ۽ شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ هزارين ماڻهو روزانو احتجاج پڻ ڪري رهيا آهن، نه صرف ايترو پر انهن ماڻهن کي اهڙي آبادڪاري جي اجازت ڏيندڙ عملدارن ۽ پلاٽ وڪرو ڪندڙ بااثرن خلاف پڻ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اٽو، لٽو ۽ اجهو پيپلزپارٽي جو منشور آهي، ان ڪري ماڻهن کي متبادل ڏيڻ کان اڳ انهن کان اجها کسڻ واري فيصلي تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو