واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان گڏيل طور تي ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن ۽ سندس نائب ڪمالا هيرس جي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي ميڊيا مطابق نينسي پلوسي ۽ نائب صدر مائيڪ پنس جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ صدارتي چونڊ ۾ جوبائيڊن ۽ ڪمالا هيرس جي ڪاميابي جي منظوري ڏئي ڇڏي. نائب صدر مائيڪ پنس جو چوڻ هو ته جن ماڻهن ڪيپيٽل هل ٻاهريان هنگامو ڪيو اهي ڪامياب نه ٿيا، تشدد ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيندو، هميشه آزادي جي ڪاميابي ٿيندي آهي ۽ هي ايوان هاڻي به عوام جو ئي آهي. آمريڪي ڪانگريس جي منظوري کانپوءِ هاڻي جوبائيڊن جي صدر ٿيڻ جي حوالي سان سموريون آئيني گهرجون پوريون ٿي ويون آهن ۽ جوبائيڊن 20 جنوري تي آمريڪا جي 46هين صدر جي حيثيت ۾ حلف کڻندو.
199