190

مڇ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 7 پورهيت افغانستان جا رهواسي آهن: افغان قونصليٽ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) افغان قونصليٽ جو چوڻ آهي ته مڇ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 7 پورهيت افغانستان جا رهواسي آهن. افغان قونصليٽ پاران پرڏيهي وزارت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 3 پورهيتن جي وارثن لاش افغانستان اماڻڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت کي لکيل خط ۾  اپيل ڪئي وئي آهي ته ٽنهي افغان واسين جا لاش چمن بارڊر ذريعي افغانستان اماڻيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو