رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پنهنجي فرانس جي هم منصب سان ٽيلفون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن مطابق سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان فرانس جي پرڏيهي وزير جان ايف لوڊرين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن سميت گڏيل سهڪار ۽ گڏيل دلچسپي وارن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. واضع رهي ته اهو رابطو سعودي عرب جي تاريخي شهر العلا ۾ 41هين نار سربراهي اجلاس کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
197