178

ڄامشورو ۾ پورهيت جو گهرڀاتين سميت حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي پوليس خلاف احتجاج

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو جي مدينا نگر واري علائقي ۾ پورهيت سڪندر خاصخيلي جي گهر تي مبينا حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پورهيت گهرڀاتين سميت احتجاج ڪندي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. پورهيت سڪندر خاصخيلي گهرڀاتين سميت ڄامشورو پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڻڄاتل هٿياربندن گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ گهر خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو آهي پر پوليس ڪو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. پورهيت سڪندر خاصخيلي جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او ڄامشورو محمد آدم ابڙو جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهيو هو، مان پورهيت آهيان ڪٿان پئسا ڏئي سگهندس. هن چيو ته مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو  وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو