ڪوئيٽا/ ڪراچي ( م ڊ ) نمائندا ) مڇ واري علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيت دهشتگردن جي هٿان قتل ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ ڪوئيٽا ۾ باءِ پاس تي هزاره برادريءَ پاران 11 مقتول پورهيتن جا لاش رکي هنيل ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري رهيو. سخت سيءَ جي باوجود احتجاجي ڌرڻي ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ پوڙهن جو وڏو انگ شامل آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيستائين وزيراعظم احتجاجي ڌرڻي ۾ نه ايندو لاشن سميت ڌرڻو جاري رهندو. خميس ڏينهن ڪوئيٽا ۾ مڪمل هڙتال ڪري ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا. خميس ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پڻ ڪوئيٽا ۾ پهچي احتجاجي ڌرڻي پڻ شرڪت ڪئي ۽ پورهيتن جي وارڻ توڙي هزاره برادريءَ سان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو. بلاول ڀٽو سان اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ گڏ هئا. مريم نواز سان گڏ احسن اقبال ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ گڏ هئا. جڏهن ته ڌرڻي ۾ جي يو آئي جو اڳواڻ عبدالغفور حيدري پڻ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان اهڙو ملڪ آهي، جتي اسان جي شهيدن کي به احتجاج ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته هن سانحي تي هزاره ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڇا ٿو چئي سگهان، پاڪستان اهڙي ڌرتي آهي، جتي اسان جي شهيدن کي به احتجاج ڪرڻو پوندو آهي، پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه مهانگو ٿي چڪو آهي، پر رڳو مزدورن، سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جو رت ئي سستو آهي، 1999 کان هيل تائين اسان جا 2 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، ڪنهن کي انصاف نه مليو. هن چيو ته توهان پنهنجي شهيدن سان گڏ احتجاج ڪري رهيا آهيو، آئون به هڪ شهيدن جي خاندان مان آهيان، اسان به اڄ تائين پنهنجي شهيدن کي انصاف نه ڏياري سگهياسين، جيستائين جيئرو رهيس، اها ئي ڪوشش ڪندس ته اسان جي غريب عوام جي جيئڻ ڏنو وڃي، ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ سڄڻ سامهون ويٺا آهن، انهن کي انصاف نٿا ڏئي سگهو ته ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏيندئو. هن وڌيڪ چيو ته ضرور پرڏيهه مان دهشتگردن کي مدد ملي رهي هوندي پر اها رياست جي ناڪامي آهي ته پرڏيهه مان سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان جي شهرين جو قتل ٿي رهيو آهي، توهان چيو هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿيندو ۽ دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏينداسين، اسان اي پي ايس سانحي جي ٻارن سان واعدو ڪيو هو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين پر اڄ تائين دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن ۽ انتهاپسندي ٿي رهي آهي، اسان جو نيشنل ايڪشن پلان به ناڪام آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه به اڃان ڀڄي نه سگهي آهي. مسم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ۽ مقتول پورهيتن جي وارثن سان تعزيت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي انا ڇڏي ڪوئيٽا پهچي ۽ وارثن جي ڏک ۾ شريڪ ٿئي. هن هزاره برادري کي مخاطب ٿيندي چيو ته 5 ڏينهن کان ڏسي رهي آهيان ۽ توهان جي تڪليف جو احساس به آهي، انهن ميتن مان هڪ ميت ان جي به آهي جنهن جي خاندان جو ڪو به فرد نه آهي پر مون وٽ تعزيت لاءِ لفظ نه آهن. هن چيو ته هي ٻارڙي ڪنهن بي حس کي پڪاري رهي هئي ته توهان نه آيا ته پيءُ کي نه دفنائيندس، ان ڪري وزير اعظم پنهنجي انا ڇڏي ڪوئيٽا ۾ پهچي ۽ وارثن جي ڏک ۾ شريڪ ٿئي. مريم نواز چيو ته رياست جو ڪم عوام کي تحفظ ڏيڻ آهي پر افسوس آهي جو رياست پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي آهي، هي چون ٿا ته جيستائين وزير اعظم نه ايندو اسان هتي لاش رکي ويٺل رهنداسين، اسان لاشن تي سياست نه پيا ڪريون پر وزير اعظم عمران خان کي هتي اچي هنن جي مٿن تي هٿ رکڻ گهرجي. اقتدار ۾ ويٺل شخص جي بي حسي تي افسوس آهي، مظاهرو ڪندڙن جو ڪو وڏومطالبو نه آهي، جيڪڏهن حڪمران هتي نه آيا ته هي قوم کين اقتدار ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏيندي. هوڏانهن 11 پورهيتن جي قتل واري واقعي خلاف ڪوئٽا ۽ سنڌ کان پوءِ حتجاجي ڌرڻن جو سلسلو ملڪ جي ٻين علائقن تائين پڻ وڌي ويو آهي. اسلام آباد ۾ پڻ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ ۾ خميس ڏينهن پڻ مختلف شهرن ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل ۽ مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪيا ويا.ڪراچيءَ جي علائقن عائشه منزل، پاور هائوس چورنگي، نمائش چورنگي، نيو رضويه، صفوران چورنگي ۽ ڪامران چورنگي وٽ ڌرڻا جاري رهيا. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ ايڊووڪيٽ رحمٰن رضا ۽ ڊاڪٽر عاشق علي انڙ جي اڳواڻي ۾ نسيم نگر گيٽ لڳ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ طارق بدوي، رضا علي شاهه، مولوي رياض حسين الحسيني، مشتاق علي ميمڻ، طارق رسول انڙ ۽ ٻين جناح باغ چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ميرپورخاص ۾ مولانا سيد ضياءُ الحسن ڪاظمي، علامه بشير جوادي، مولانا اعجاز سنجراڻي ۽ ٻين ميرپورخاص حيدرآباد روڊ جي ٽول پلازه، ميرواه گورچاڻي لڳ ميرپورخاص مٺي روڊ، 78 موري ۽ واگھريجي سميت مختلف هنڌن تي ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪيا. دادو ۾ سيد فدا حسين ڪاظمي. مشتاق حسيني. سعيد احمد ساند.اشرف شيخ ۽ ٻين ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ڄامشوري، منظور آباد ۽ ٻين شهرن ۾ علامه علي بخش، سيد ثابت علي شاھ، سيد فيض شاهه، برڪت علي لغاري احتجاجي مظاهرا ڪري انڊس هاءِ وي ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا هنيا. عمرڪوٽ ۾ علامه ارشاد عرفاني، سيد عباس علي شاھ، محمد زمان کوسو، عبدالله کوسو پريس ڪلب مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. جيڪب آباد ۾ بند علي جعفري. سيد احسان شاهه. سيد مظهر شاهه ۽ ٻين ٻي ڏينهن به جلوس ڪڍي ڊي سي چوڪ تي احتجاج ڪيو. خيرپور ۾ شاھ حسين بائي پاس تي ۽ مريم توب وٽ ڌرڻو جاري رهيو. ڪنڌڪوٽ ۾ فائق خان جکراڻي جي اڳواڻي ۾، ٺٽي ۾ ڊاڪٽر شبير شاھ، جاويد شاھ، طالب شاھ اميرخاني، علي گوھر ايماني جي اڳواڻي ۾ ۽ قمبر ۾ سيد ذوالفقار علي شاھ سيد قرار شاهه سيد تراب علي شاهه ديدار پٺاڻ ۽ ٻين شهدا چوڪ تي ڌرڻو هنيو. انهن کان علاوه ٽنڊومستي، محرابپور، گاجي کهاوڙ، ڪوٽڙي ڪبير، نصيرآباد، قبو سعيد خان، سيھڙ، راضيديري ، ھڱورجا، ڳڙهي خيرو، شيخ ڀرڪيو، ڪنڊيارو، ٽنڊو غلام علي، مدئجي، روهڙي، ميروخان، رتوديرو، ٽنڊوباگو، سامارو، ڊگهڙي، راضيديرو، ڪنري، ٺل، ميرپورماٿيلو، ميهڙ، جوهي، ڏهرڪي، سن، سيوھڻ، خيرپورناٿن شاھه، موري ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
146