194

مڇ سانحو: متاثرن جو لاش رکي ڇهين ڏينهن به ڌرڻو، وزيراعظم جي اچڻ تائين لاش دفنائڻ کان انڪار، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

ڪوئيٽا/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڇ سانحي جي متاثرن جو سخت ٿڌ باوجود لاش رکي 6 ڏينهن به ڌرڻو هلندڙ آهي. کليل آسمان هيٺ ويٺل مظاهرين پاران وزيراعظم جي اچڻ تائين لاش دفنائڻ کان هن وقت تائين انڪار ڪيو پيو وڃي. شهداءُ ڪميٽي ۽ ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن پاران هنگامي پريس ڪانفرنس به ڪئي وئي، جڏهن ته متحده وحدت المسلمين اڳواڻ آغا رضا جو چوڻ آهي ته ڌرڻي بابت خاص طبقو پروپيگينڊه پکيڙي رهيو آهي، وزيراعظم ايندو ته کيس عزت ڏني ويندي. ٻئي پاسي ملڪ جي مختلف هنڌن تي پڻ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ 26 هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن، مک ڌرڻو نمائش چورنگي وٽ لڳل آهي، جڏهن ته ناٿا خان، ڪالوني گيٽ، ڪامران چورنگي، جوهر موڙ، صفوران چورنگي، ابوالحسن اصفهاني روڊ، نيپا، سمامه پل ويجهو، ملير 15، اسٽار گيٽ، پاور هائوس، انچولي، فائيو اسٽار چورنگي، ٽاور، عائشه منزل، ناظم آباد نمبر 7، ناظم آباد هڪ، شاه فيصل ڪالوني پل، ضياءُ الدين چورنگي ، ناگن چورنگي، پيپلز چورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ مظاهرين روڊن تي آهن، احتجاج سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر آهي، هوڏانهن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به مڇ سانحي جي متاثرن جي حمايت ۾ ڌرڻن جو سلسلو هلندڙ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو