140

سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن کي موت واري سزا جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن کي موت واري سزا جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد واري ڪيس جو فيصلو جج راجا جواد عباس جوابدارن جي موجودگي ۾ ٻڌايو، عدالت 15 ڊسمبر 2020ع تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن ناصر احمد سلطان، رانا نعمان ۽ عبدالوحيد کي موت واري سزا  ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته هڪ جوابدار پروفيسر انوار احمد کي توهين مذهب تي 10 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ لاڳو ڪيو، چئني اشتهاري جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ويا. عدالت پنهنجي جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ته جوابدارن تي توهين رسالت ۽ توهين مذهب جو الزام ثابت ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو