304

تعليم جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، لازمي ۽ مفت تعليم قوم جي اڪثر ٻارڙن لاءِ خواب بڻيل

ڄامشورو (رپورٽ :حاڪم چانڊيو) تعليم جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ سرڪاري سطح تي ملهائيندڙ ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ اين جي اوز طرفان رليون، سيمينار، مذاڪرا منعقد ڪيا ويندا. عالمي وبا ڪورونا سبب پوري جڳ جهان جيان گذريل سال ۽ هلندڙ سال تعليم جي حوالي سان سنڌي قوم لاءِ نقصان وارو رهيو، تعليم جي ڏهاڙي جي حوالي سان روزاني سوڀ طرفان مختلف ذريعن وٽان گڏ ڪيل ڄاڻ مطابق سنڌ جي مجموعي آبادي ۾ پنج کان 15 ورهين تائين جي ٻارڙن جو تعداد پوڻا 2 ڪروڙ آهي ملڪ جي آئين جي ترميمي شق نمبر 25- A تحت هر ٻار کي مفت ۽ لازمي تعليم ملڻ واري حق باوجود سنڌ جي پوڻا 2 ڪروڙ ٻارڙن مان 62 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته پرائمري کان ٻارهين درجي تائين جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ 51 لک ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن 33 لک ٻار غير سرڪاري تعليمي ادارن ۾ داخل آهن جڏهن ته 20 لک ٻار خيراتي ادارن ۽ مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ جي پهرين کان ٻارهين درجي تائين جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ 48 لک ٻارڙن مان 35 لک 80 هزار 929 ٻار سنڌي ميڊيم، 73 هزار 602 ۽ انگريزي ميڊيم ۾ 4 لک 23 هزار 013 تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سرڪاري اسڪولن ۾ داخل 48 لک ٻارڙن مان ڪچي پهرين ڪلاس ۾  8 لک 16 هزار 514 تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پهرين پڪي ڪلاس ۾  6 لک 91 هزار، 675 شاگرد داخل آهن, ٻئين ڪلاس ۾ 6 لک 36 هزار 565 شاگرد, ٽئين ڪلاس ۾ 5 لک 73 هزار 687 شاگرد, چوٿين ڪلاس ۾ 5 لک 5 هزار 655 شاگرد, پنجين ڪلاس ۾ 4 لک 14 هزار 612, ڇهين ڪلاس ۾ 2 لک 87 هزار 772,  ستين ڪلاس ۾ 2 لک 48 هزار 219, اٺين ڪلاس ۾ 2 لک 30 هزار 68 شاگرد، نائين ڪلاس ۾ 1 لک 70 هزار 20 شاگرد، ڏهين ڪلاس ۾ 1 لک 65 هزار شاگرد، يارهين ڪلاس ۾ 1 لک 50 هزار شاگرد ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ 1 لک 46 هزار شاگرد داخل آهن.  10 لک آبادي رکندڙ ڄامشورو ضلعي جي ٻارن لاءِ 8 ڊگري ڪاليج آهن جن مان ڪوٽڙي ۾ 2 بوائز ۽ گرلس، سيوهڻ ۾ 2 بوائز ۽ گرلس، ڀان سيد آباد ۾ 2 بوائز ۽ گرلس، مانجهند ۽ ٿاڻو بولا خان ۾ هڪ هڪ بوائز ڪاليج موجود آهن، جڏهن ته پوري ضلعي ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول 9 آهن جن مان 4 ڪوٽڙي، 3 سيوهڻ، هڪ مانجهند ۽ هڪ ٿانو بولا خان ۾ آهي. سيڪنڊري اسڪول 39 آهن جن مان وڌ ۾ وڌ يعني 12 سيوهڻ تعلقي ۾ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 6 ٿاڻي بولا خان ۾ آهن، جڏهن ته ڪوٽڙي تعلقي ۾ 11 ۽ مانجهند تعلقي ۾ 10 اسڪول موجود آهن، ضلعي ۾ ايليمينٽري اسڪول 8 آهن جن مان ڪوٽڙي ۾ 6, سيوهڻ ۾ 1 ۽ ٿاڻو بولا خان ۾ هڪ ايليمينٽري اسڪول آهي جڏهن ته مانجهند ۾ ڪوبه ايليمينٽري اسڪول نه آهي، ضلعي ۾ مڊل اسڪول 39 آهن جن مان 10 ڇوڪرين جا ۽ 29 ڇوڪرن لاءِ آهن. جن مان 14 سيوهڻ تعلقي ۾، 12 ڪوٽڙي تعلقي ۾، 7 ٿاڻو بولا خان ۾ ۽ 6 مانجهند تعلقي ۾ موجود آهن. ڄامشورو ضلعي ۾ مجموعي طور تي 614 پرائمري اسڪول موجود آهن جن مان وڌ ۾ وڌ سيوهڻ تعلقي ۾ 258 ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪوٽڙي تعلقي ۾ 104 اسڪول موجود آهن جڏهن ته ٿاڻي بولا خان ۾ 129 ۽ مانجهند تعلقي ۾ 123 پرائمري اسڪول بند پيل آهن.  تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ٿرديپ موجب ڄامشورو ضلعي اندر موجود سوا 600 اسڪولن مان 145 اسڪول بند پيل آهن. جن مان اڪثريت گرلس اسڪولن جي آهي.  ڄامشورو دنيا جو اڪيلو ضلعو ۽ شهر آهي جتي 5 يونيورسٽيون هڪٻئي سان گڏ هڪ ئي قطار ۾ موجود آهن جن ۾ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڊزائين هيريٽيج ۽ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر شامل آهن. جڏهن ته نرسنگ ڪاليج، اسڪول ۽ انسٽيٽيوٽ موجود آهن جتي هڪ ئي وقت 50 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو