اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته هزارا برادري ته ڇا پر ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس، هزارا برادري اڄ ئي لاش دفنائي ته اڄ ئي ڪوئيٽا ويندس پر وزيراعظم جي اچڻ سان تدفين مشروط ڪرڻ مناسب ناهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ شايد هزارا برادري تي سڀ کان وڏو ظلم ٿيو ۽ مون کي سڀني کان وڌيڪ ڄاڻ آهي ته انهن سان ڪهڙو ظلم ٿيو، مڇ واقعي کانپوءِ گهرو وزير کي ڪوئيٽا اماڻيو، پوءِ ٻن وفاقي وزيرن کي موڪليو، هزارا برادري کي اهو ٻڌائڻ لاءِ اماڻيو ته هي حڪومت انهن سان گڏ آهي، اسان مظاهرين جا سمورا مطالبا مڃي چڪا آهيون، پر انهن جو هڪ مطالبو آهي ته وزيراعظم اچي ته شهيدن کي دفنائينداسين، انهن کي چيو ته ڪنهن به ملڪ جي وزيراعظم کي اهڙي ريت بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي، اهڙي ريت سڀ ڪو بليڪ ميل ڪندو، خاص ڪري ڦورن جو هڪ ٽولو اڍائي سالن کان ڪرپشن ڪيس معاف ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته ڌرڻي ۾ شامل جيڪڏهن اڄ ئي لاش دفنائين ته اڄ ئي ڪوئيٽا ويندس، اسان سمورا مطالبا مڃي ورتا پر اهو نٿا ڪري سگهون ته شرط هڻون، پهريون دفنايو، جيڪڏهن اڄ دفنائين ٿا ته گارنٽي ڏيان ٿو ته اڄ ڪوئيٽا ويندس.
191