193

لاهور مان اغوا ڪيل 8 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ، ڀاءُ بدفعلي ڪرڻ کانپوءِ قتل جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي نشتر ڪالوني مان اغوا ٿيل 8 ورهين جي ٻارڙي جو لاش نالي مان هٿ آيو آهي، سندس ڀاءُ بدفعلي بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس مطابق نشتر ڪالوني واسي ظهير جو ننڍو پٽ 8 ورهين جو ارسلان اربع ڏهاڙي گم ٿي ويو هو، جنهن تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، ٻئي ڏينهن تي ٻار جو لاش فيروز پور روڊ جي روهي نالي مان هٿ آيو. پوليس مطابق ارسلان جو لاش ملڻ کانپوءِ جاچ شروع ڪئي وئي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز کان مدد ورتي وئي، جنهن دوران شڪ تي سندس سڳي ڀاءُ 14 ورهين جي فيضان کي حراست ۾ وٺي پڇاڳاڇا ڪئي، جنهن ننڍي ڀاءُ ارسلان کي بدفعلي کانپوءِ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ ارسلان کي دڪان تان شيءَ وٺي ڏيڻ بهاني وٺي ويو، جتي هڪ هنڌ تي ساڻس بدفعلي ڪئي ۽ پوءِ مٿي ۾ سرون هڻي کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو