217

مظفر ڳڙهه ۾ گهريلو تڪرار تان ٻن معصوم ٻارڙين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، 2 جوابدار گرفتار

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ گهريلو تڪرار تان ٻن معصوم ٻارڙين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي. پوليس مطابق بستي ڪوٽ لشاري ۾ 5 جوابدارن 2 ٻارڙين ڏيڍ ورهين جي اسويٰ ۽ ٽن ورهين جي عروه کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، پسند جي ٻئين شادي ڪرڻ تي عبدالحميد ۽ سندس گهر واري جي ڪٽنب وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو، ٻارڙين جي والد الزام مڙهيو آهي ته  ان جي ٻئين گهر واري جي پيءُ ۽ ٻين عزيزن سندس پهرين گهر واري جي ٻارڙين کي باهه ڏئي ساڙيو آهي. پوليس مطابق ٻارڙين جي والد جي بيان تي سندس سهري فدا حسين، آصف ۽ غلام حسين سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري فدا حسين ۽ محمد آصف کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو