205

سڪرنڊ ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ڪوهيڙي سبب ڪوچ ڪلٽي، 4 مسافر فوت، 12 ڄڻا زخمي

سڪرنڊ (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ڪوهيڙي سبب ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾  4 مسافر فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق سڪرنڊ ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ڪوهيڙي دوران مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ معشوق، غلام حسين ۽ ابرار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي نوابشاهه ۽ سڪرنڊ جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو