228

گذريل سال ۾ سنڌي ادب ۽ اديبن جا وڇوڙا…

ليکڪ: زين سولنگي

سال 2020ع هونئن ته ڪورونا وبا جي ڪري ڪي مثبت فائدا نه ڏئي سگهيو، تعليمي نظام، معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو، سال 2020ع نوجوانن کي روزگار جا ڪي نوان موقعا فراهم نه ڪري سگهيو، ان ڏکي صورتحال دوران به سنڌي ادب ماٺار جو شڪار نه ٿيو، پر ان دوران اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب جي واڌ ويجهه، سنڌي سماج کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اديبن، ليکڪن، شاعرن، صحافين پڻ پاڻ ملهايو، ڪورونا وبا کان بچاءَ جي احتياطي اپائن تي شاعرن خوبصورت شاعري ڪري پنهنجي سماج ۾ حقيقي جاڳرتا ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ليکڪن، اديبن، ڪالم نگارن ان ڪورونا وبا جي حوالي سان تحقيقي ليک لکيا، ڪن اخبارن ۾ ته ڪن رسالن ۾ خوب لکيو، ان صورتحال دوران ڪيترن ئي فيس بڪ تي خوبصورت ليک لکي پنهنجي سماج ۾ ڪووڊ- 19 کان بچاءَ جي جاڳرتا ڦهلائي، نتيجي ۾ شهرن توڙي ٻهراڙيءَ جي علائقن تائين اها جاڳرتا پهچي وئي، انهن تسلسل سان پنهنجين پنهنجين صنفن تي خوب لکيو ۽ پڙهيو. اهو چئي سگهجي ٿو ته اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سنڌي اخبارن، رسالن پڻ سنڌ جي اديبن، ليکڪن، شاعرن جي مواد کي ڇاپڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، ڪيترن ئي پبلشرن اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن جا ڪتاب شايع ڪيا ته وري ڪافي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي مدد پاڻ تحت پڻ ڪتاب ڇپرايا، وڌيڪ ساراهه جوڳي ڳالهه اها به نظر آئي ته ڪيترن ئي ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن ڪووڊ 19 دوران لڳايل لاڪ ڊائون دوران پنهنجي سماج جي غريب ماڻهن، پورهيتن ۽ مزدورن ۾ راشن ورهايو، انهن جي سهائتا پڻ ڪئي، انهن جي ان انساني ۽ سماجي ڪردار جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ هوندي، سال 2020ع ۾ جتي سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ٿي، ان سال سنڌي ادب جي مايا ناز شخصيتن جو وڇوڙو پڻ ٿي ويو، جن جو سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ادا ڪيل ڪردار قابل تحسين رهيو آهي، انهن شخصيتن ۾ ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ بزم روح رهاڻ جو سرواڻ حميد سنڌي 4 جنوري 2020ع تي وڇڙي ويو، ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار عبدالقادر جوڻيجو 30 مارچ 2020ع  تي وڇڙي ويو، ناليوارو شاعر ۽ سوجهرو رسالي جو روح روان تاج بلوچ 5 جون 2020ع  تي هن دنيا کي الوداع ڪري ويو، ماهر لسانيات ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا 30 نومبر 2020ع تي 90 سالن جي ڄمار ۾ وڇڙي ويو، لوڪ ادب جي پارکو،  لسانيات جي ماهر، ڀٽائي جي ڪلام تي ڪمال جي دسترس رکندڙ ناليوارو اديب ۽ تعليمي ماهر پروفيسر قلندر شاهه لڪياري 4 ڊسمبر 2020ع تي وڇوڙو ڪري ويو.سائين قلندر شاهه انگريزي ٻوليءَ جو سدا ملوڪ استاد هو، سائين پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جن جي ماياناز شخصيت لاءِ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ تعليمدان پروفيسر نور احمد جهنجهي هن طرح ڀيٽا پيش ڪئي آهي ته : ”سائين پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جنهن سادگيءَ سان ڄاڻ ونڊيندو ۽ ورڇيندو هو  اها ورلي ڪنهن پروفيسر جي حصي ۾ آئي هوندي، اهو ئي سبب آهي جو سندس مداحن جو اڻ ڳڻيو تعداد سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي، جتي ٻيا اڪابر ڪتابن ۾ دفن ٿي ويندا آهن اتي سائين قلندر جهڙا سادا انسان انسانن جي دلين ۾ ڌڙڪن بڻجي هر دور ۾ جيئندا ۽ رهنمائي ڪندا رهندا “ .  سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، پنجاهه کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو 17 ڊسمبر 2020ع تي ڊينگي بخار سبب اسان کان وڇڙي ويو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڪراچيءَ ۾ رهي سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچي جي ڪاليجن ۾ پڙهائڻ لاءِ جتن ڪيا، سنڌ ۾ قائم ڪيل نين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبي جي قيام لاءِ تحريري جدوجهد ڪئي، سندس سموريون محنتون، ڪوششون قابل تعريف ۽ قابل داد آهن، سنڌي ادب جي هن هيڌي وڏي ليکڪ جي وڇوڙي جو گهاءُ اڃا وسريو ئي نه ته ناليواري ڪهاڻيڪار، راڳ جي ماهر سائين رسول بخش درس جو وڇوڙو 29 ڊسمبر 2020ع تي ٿي ويو، ڊسمبر 2020 ع پنهنجا گهاءَ ڏيندو رهيو، ان جو  آخري ڏينهن سنڌي ادب جي هڪ سهڻي شخصيت، نثري نظم جو خوبصورت شاعر پارس حميد 31 ڊسمبر 2020ع تي وڇڙي ويو، سنڌ جي هن البيلي ليکڪ پارس حميد جي شخصيت لاءِ نوجوان ليکڪ امين لاکي بهترين انداز ۾ خوبصورت ڳالهيون لکيون آهن، امين لاکي هن طرح به لکيو آهي ته ” پارس حميد سنڌي نثري نظم جي بانيڪارن مان هو، هن جديد نثري نظم کي نه صرف نواڻ ڏني پر نئون انداز پڻ ڏنو، موضوعاتي حوالي سان سندس نثري نظم جديد نظمن جو اعليٰ نمونو آهن، هن نثري نظمن جي گهاڙيٽن تي به تجربا ڪيا ۽ 50 سالن جي ادبي سفر ۾ هن جيتوڻيڪ گهٽ لکيو پر جيڪو به لکيو اهو ڪمال جو لکيو “، مجموعي طور تي سال 2020ع ۾ جيترو ادب سرجيو ايتريون سنڌي ادب جون متحرڪ ۽ ماياناز شخصيتون وڇڙي وڃڻ جو خال سالن تائين ڀرجي نه سگهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو