159

ڪورونا ۽ لاپرواهيءَ وارو رويو…

ليکڪ: بشير ميمڻ

دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ مسلسل ڪورونا (COVID-19) وبا جو شڪار ماڻهو موت جو منهن ڏسي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪورونا جي روڪٿام جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مختلف پليٽ فارمن تان ڪوششون ڪري اُنهن جي جانين کي موت کان بچائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيون آهن. پر جيڪڏهن ڪورونا جي پکيڙ کان عام ماڻهن جو بيماري جي شڪار ٿيڻ جي رجحان کي سمجهڻو آهي ته ان ڳالهه لاءِ اسان کي عام ماڻهن جي ذهني سطح تائين وڃي انهن کي سمجهائڻو پوندو ته اُهي ڪيئن پنهنجو پاڻ کي ڪورونا جهڙي وبا کان محفوظ رکي سگهن ٿا. سڀ کان پهرئين اسان کي فطرت جي اُن اصول کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڪابه بيماري سڀ کان پهرئين حملو ڪنهن ڪمزور تي ڪري اُن کي موت ۽ معذوري جو شڪار بڻائيندي آهي، پوءِ اهو ڪمزور انسان ننڍڙي ٻار جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن گهر جي بزرگ عورت ۽ مرد جي صورت ۾ وڏي عمر واري شخص جي صورت ۾ هجي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسين ڪورونا (COVID-19) جي وبا جو شڪار ٿيڻ کان بچاءَ لاءِ پنهنجي وڏي ڄمار واري گهر جي فردن ۽ ننڍي عمر جي گلڙن جهڙن ٻارڙن جي وڌ کان وڌ سار سنڀال رکون ته جيئن هو ڪنهن به صورت ۾ ڪورونا جهڙي وبا جو شڪار نه ٿين. پر جيڪڏهن اسان پنهنجي لاپرواهي سبب پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽ گهر جي بزرگن جي مناسب ۽ گهربل حفاظت جي تدبير ۽ بندوبست نه ڪري سگهياسين ته عين ممڪن آهي ته اُهي نه صرف ڪورونا وبا پر ٻين ڪيترن ئي محلق بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ان کانسواءِ آباديءَ جي لحاظ سان جيستائين شهري آبادين ۽ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعلق آهي ته ڳوٺاڻن علائقن جي بنسبت شهرن ۾ ڪورونا جي وبا ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آهي. ان جو مکيه سبب اُهو آهي ته جو شهرن ۾ ماڻهن جي رهائش ڳتيل آباديءَ جي صورت ۾ آهي، جنهن ڪري ڪورونا (COVID-19) وبا جو هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو ۾ وچڙجڻ يا ڦهلجڻ بلڪل آسان آهي. پر ان جي اُبتڙ ڳوٺن ۾ ماڻهن جي آبادي شهرن وانگر ڳُتيل هجڻ جي ابتڙ هڪٻئي کان پري پري تائين پکڙيل آهي، جنهن ڪري ڪورونا وبا جو هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين ڦهلجڻ جو امڪان نسبتن ڪجهه گهٽ آهي. تنهن ڪري ڪورونا وبا جي شهري آبادين ۾ گهڻو ڦلجڻ يا هجڻ ۽ ڳوٺاڻي آبادين ۾ گهٽ ڦهلجڻ يا هُجڻ واري رجحان جي فرق کي ذهن ۾ رکي لاپرواهيءَ جو هرگز مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ڪورونا (COVID-19) وبا ڪڏهن به اوهان جي لاپرواهيءَ واري رويي کي رحم جي نظر سان ڪانه ڏسندي. ان ڪري اوهان به پنهنجيون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ واري حُربي جي هٿيار سان ڪورونا وبا مٿان پنهنجي بچاءُ لاءِ جدوجهد جاري رکو. بهرحال اسان اڻ پڙهيل هجون يا تعليم يافته، شهري آبادين جا رهاڪو هجون يا ڳوٺاڻين آبادين جا، پر ڪورونا (COVID-19) وبا کان پان کي محفوظ رکڻ لاءِ احتياط هڪ مضبوط هٿيار آهي، پر اُن جي ابتڙ بي احتياطي ۽ لاپرواهي هڪ تمام وڏو خطرو آهي.  جيتوڻيڪ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي سطح تي عام ماڻهو کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ لاپرواهي نه ڪرڻ کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ميڊيا ذريعي مختلف اخباري ۽ نشرياتي مهمون جاري آهن. پر ان کان هڪ قدم اڳتي وڃي ڪري علائقائي سطح تي سماجي اڳواڻن، مذهبي عالمن، تعليم ڏيندڙ استادن ۽ يونيورسٽي شاگردن ذريعي پڻ ذاتي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ عام ماڻهو کي ڪورونا (COVID-19) وبا خلاف احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ لاپرواهي کان پرهيز ڪرڻ جي لاءِ قائل ڪرڻ جون ڪوششون سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ٻئي طرف انفرادي طور تي هر عاقل ۽ بالغ شخص مرد توڙي عورت پنهنجي ذات ۽ پنهنجي ٻچن ۽ بزرگن جي زندگيءَ جو وارث ۽ محافظ پاڻ هجڻ ناتي هر شخص کي گهرجي ته هو پنهنجي احتياط جي هٿيار کي ڪورونا خلاف هميشه تِکو ۽ حرڪت ۾ رکي. ان کانسواءِ ڪورونا وبا خلاف پنهنجي لاپرواهيءَ واري رويي کي هڪدم ختم ۽ دفن ڪري ڇڏجي ته جيئن پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب جي لاءِ هڪ صحتمند ۽ وڏي ڄمار واري زندگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو