190

حق خوداراديت وارو ڏينهن ۽ ڪشميري عوام…

ليکڪ: ايم ايف صديقي

هن ڀيري ته ڪو به شڪ نه آهي ته مهذب دنيا ۾ خوداراديت واري حق کي انساني وقار ۽ احترام جو اهم جز تسليم ڪيو وڃي ٿو، ان پس منظر ۾ اها حقيقت ذڪر جي قابل آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري عالمي اعلان ۾ ان جو نمايان ذڪر موجود آهي، مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته انهن سياسي ۽ انساني قدرن جي تناظر ۾ ڀارتي حڪومت جي قدمن ۽ ڪريل ڪردار کي سياسي ۽ سفارتي سطح تي ڪيتري قيدر مذمت جي قابل ڄاتو وڃي ٿو، پاڪستان جي قائم ٿيڻ وقت ڀارت والاريل رياست ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي عسڪري طاقت ۽ توسيع پسند ارادن جي ڏڍ تي قبضو ڪري ورتو، جيڪو اڄڪلهه ان لاءِ ندامت جو سبب بڻيل آهي، ڀارت ڪشميري عوام کي ان خوداراديت واري حق کان محروم رکيو آهي، جنهن جو واعدو هن 72 سال اڳ گڏيل قومن آڏو ڪيو هو، گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن 5 جنوري 1949ع تي هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪشميري عوام کي سندن حق خوداراديت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهو به واعدو ڪيو هو ته والاريل واديءَ جي عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ اهي آزاد ۽ غير جانبدار ماحول ۾ فيصلو ڪري سگهندا، انهن حقيقتن جي روشني ۾ اها ڳالهه ذڪر لائق آهي ته 5 جنوري 1949ع تي منظور ڪيل قرارداد تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ ان تي ظلم اهو ته ڀارت جي حڪومت هاڻ اهڙا قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن جيڪي گڏيل قومن جي قراردادن جي روح ۽ مقصد جي سراسر خلاف آهن، مثال طور 5 آگسٽ 2019ع تي مودي سرڪار والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي ۽ سياسي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي، هاڻ والاريل ڪشمير ۾ اهڙن ماڻهن کي آڻي ٻيهر آباد ڪيو پيو وڃي، جيڪي 1947ع ۾ واديءَ مان لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، اهو قدم ۽ انداز اهڙو آهي جهڙو اسرائيل طرفان فلسطينين خلاف اختيار ڪيو ويو آهي، مودي حڪومت گذريل 500 ڏينهن کان والاريل واديءَ کي هڪ اهڙي جيل ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ڀارتي فوجي پنهنجي مرضي ۽ خواهش مطابق اهڙين سرگرمين ۾ مصروف آهن جيڪي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي آهن، انهن سرگرمين ۾ عدالت کان مٿانهن قتلن، عورتن جي اجتماعي لڄالٽ، بزرگن جو قتل ۽ معصوم ٻارڙن کي تڪليفون ڏيڻ نمايان آهن، ڀارت جي اهڙن ظلمن جي هونئن ته سڄي دنيا مذمت ڪري ٿي پر پاڪستان ان سلسلي ۾ مينسر خيل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هر سال وانگر هن سال به 4 جنوري تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڀرپور ٻڌي جو اظهار ڪيو، جيڪي هن وقت ڀارتي ظلم ۽ تشدد جو مقابلو ڪري رهيا آهن، ان ڏينهن جي حوالي سان ڪشمير جي معاملن ۽ گلگت بلتستان بابت وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو هو ته گڏيل قومون ڪشميرين جي خوداراديت واري حق لاءِ پاس ڪيل قراردادن تي عمل لاءِ ٺوس ۽ عملي قدم کڻن ۽ اڄ کان 72 سال اڳ منظور ڪيل قراردادون اڄ به حل طلب آهن، جن تي عمل جي انتظار ۾ هزارين ڪشميري پنهنجون حياتيون قربان ڪري چڪا آهن، ڀارت پاڻ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي فورم تي کڻي ويو هو ۽ هاڻ اهو ئي ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ گڏيل قومن جي قراردادون جون ڌڄيون اڏائي رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ گذريل 7 ڏهاڪن کان رياستي دهشتگردي ڪندو پيو اچي، جنهن ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي هڪ طرفو ۽ غير قانوني قدم کڻڻ کانپوءِ وڌيڪ تيزي آئي آهي، ڀارت نام نهاد جمهوريت ۽ سيڪيولرزم کي لتاڙيندي هندو انتهاپسندي جي فاشسٽ فلسفي تي هلي پيو ۽ مودي حڪومت جي پهرين ترجيح پوري ڀارت هندو بالادستي قائم ڪرڻ آهي، 5 آگسٽ 2019ع وارن ڀارتي قدمن ۽ شهريت واري نئين قانون جو نئون مقصد والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ۽ اقليتن جا حق صلب ڪرڻ آهي، اڄ پوري دنيا ڀارت کي مذهبي آزادي ۽ انساني حقن جي حوالي سان بدترين ملڪ قرار ڏئي رهي آهي، ڀارتي حڪومت عالمي برادري کي دوکو ۽ فريب ڏئي والاريل رياست ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم، ستم ۽ سياسي تشدد جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو اندازو ائين لڳائي سگهجي ٿو ته مودي سرڪار ڄاڻايل واديءَ ۾ اهڙا مختلف قانون لاڳو ڪيا آهن، جن کي مهذب دنيا ڪنهن به طور تي قبول نٿي ڪري سگهي،مودي سرڪار انهن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي تشدد، ظلم ۽ قيد ۽ بند سميت زبردستي لڏپلاڻ تي مجبور ڪري رکيو آهي جيڪي پنهنجي عوام جي حق لاءِ عمل واري ميدان ۾ ايندا رهن ٿا، مودي سرڪار پاڻ به ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ان باطن واري خبث جو اعتراف ڪيو آهي ته والاريل ڪشمير سميت سڄي ڀارت کي اهڙي هندو رياست ۾ تبديل ڪيو ويندو جتي صرف هندو مذهب جا پيروڪار ئي آباد ٿي سگهن، دهلي طرفان اسلام آباد کي به اهڙيون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪي گدڙ ڀڀڪيون ثابت ٿيون آهن، وزيراعظم عمران خان ڪشمير مسئلي کي دنيا جي هر فورم تي اٿارڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن، جنهن سبب اڄ والاريل ڪشمير جي مسلمانن جي حقن لاءِ يورپي يونين ۽ برطانوي پارليامينٽ ۾ به آواز بلند ٿي رهيا آهن گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اهي ڀارتي انتهاپسند قدم روڪڻ لاءِ ان خلاف فوري ڪارروائي ڪن  ۽ ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ لاءِ منظور ڪيل قراردادن تي عمل ڪرائين ته جيئن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي فضا ۽ ماحول وڌي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو