145

ايران-آمريڪا ائٽمي ٺاهه بحال ڪرڻ ڪيترو ڏکيو هوندو..؟؟

ليکڪ: فراز هاشمي

آمريڪي رسالي نيويارڪر ۾ ڇپجندڙ هڪ مضمون ۾ يروشلم سينٽر فار پبلڪ افيئرز ۾ چيو ويو آهي ته صدر جي ٽرمپ جي صدارت ڇڏڻ وقت تهران ائٽمي هٿيارن ۾ استعمال جي قابل واڌ يورينيم تيار ڪرڻ کان صرف 3 مهينن جي دوري تي هوندو. گذريل سال ڊسمبر ۾ ”ميڊيٽرنين ڊائلاگز“ ۾ جواد ظريف چيو هو ته ٺاهه تي عمل لاءِ واپسي ٿيڻ گهرجي، ايران جي باقي دنيا سان معاشي رابطن کي معمول تي آڻڻ گهرجي ۽ نيون شرطون ۽ نوان مطالبا بند ٿيڻ گهرجن، هن چيو هو ته جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته ايران به ٺاهه تي ان جي روح مطابق عمل شروع ڪري ڇڏيندو، ڊسمبر  جي 22 تاريخ تي ايران گڏيل قومن کي اهو نوٽيس ڏئي ڇڏيو هو ته هو ٺاهه تحت ان تي لڳايل ڪجهه پابندين کان پوئتي هٽي رهيو آهي، گڏوگڏ جواد ظريف هڪ ٻئي انٽرويو ۾ چيو هو ته جوبائيڊن کي ايران سان ائٽمي ٺاهه کي بحال ڪرڻ لاءِ 3 سرڪاري حڪم ناما جاري ڪرڻا پوندا. هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جوبائيڊن لاءِ اهو ڪم ڪيترو ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو، پر ان کان پهريان اهو ڏسڻو پوندو ته هو ايران سان ٺاهه بحال ڪرڻ ۾ ڪيترو سنجيده آهي.  جوبائيڊن گذريل سال سيپٽمبر ۾ سي اين اين لاءِ هڪ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران ٺاهه تي پوري طرح عمل شروع ڪري ڇڏي ته آمريڪا ان ٺاهه ۾ ٻيهر واپس اچي ويندو. جيڪو وڌيڪ ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ نقطي جو آغاز هوندو. ڊاڪٽر سحر خان جو چوڻ آهي ته جوبائيڊن جي ڪوشش هوندي ته هو ان ٺاهه کي بحال ڪري ۽ پنهنجي انتظاميا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جوبائيڊن جن ماڻهن جي چونڊ ڪري رهيو آهي انهن مان ڪيترائي اهي ماڻهو آهن، جيڪي ايران سان ٺاهه طئه ڪرڻ ۾ شامل رهيا آهن. سندس چوڻ آهي ته جوبائيڊن انتظاميا ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهو نظرياتي طور تي ان ڳالهه تي متفق آهن ته ان ٺاهه کي بحال ٿيڻ گهرجي، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ بد اعتمادي جي هڪ پوري تاريخ آهي، جيڪا 1953ع ۾ ايران جي اڳوڻي صدر مصدق خلاف آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي پٺڀرائي ۾ بغاوت کان شروع ٿي، صدر ٽرمپ طرفان هڪ طرفا طور تي ائٽمي ٺاهه کان ڌار ٿيڻ ۽ گذريل سال ايراني جنرل سليماني جي موت تائين اچي ٿي، ان تلخ ۽ ڊگهي تاريخ  کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي بداعتمادي ختم ڪري ٺاهه کي بحال ڪرڻ به هڪ چئلينج هوندو. ڊاڪٽر سحر خان چوي ٿي ته ائٽمي ٺاهه ٺيڪ ٺاڪ هلي رهيو هو ۽ ايران ان تي پوري طرح عمل ڪري رهيو هو پر ٽرمپ انتظاميا اوچتو ان ٺاهه کي هڪ طرفو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سان ايران جي شڪن ۾ واڌ ٿي ۽ ان کي هاڻ اهو خطرو رهندو ته 4 سالن کانپوءِ جڏهن جوبائيڊن جنهن کي سندس عمر جي ڪري هڪ ٽرم جو صدر چيو پيو وڃي ان جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ ڊاڪٽر ايڇ اي نئير چوي ٿو ته برطانيا، فرانس، جرمني، روس ۽ چين جيڪي ان ٺاهه ۾ شامل هئا اهي ٽرمپ طرفان ٺاهه ختم ڪرڻ تي گهڻا پريشان ٿيا هئا ۽ ان ٺاهه جي بحال ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، چين اڳ ئي آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل پابندين جي پرواهه نه ڪندي ايران سان 400 ارب ڊالرن تائين سرمائيڪاري ڪرڻ جو ٺاهه ڪري چڪو آهي، برطانيا، فرانس ۽ جرمنيءَ جون ڪيتروين ئي ڪمپنيون ايران ۾ معاشي لاڳاپا بحال ڪرڻ چاهين ٿيون، ائٽمي ٺاهه جي پاسداري کان هٽي ڪري ٽرمپ جنهن وقت هڪ طرفي دوري اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت هن ايران مٿان شام، عراق، لبنان ۽ يمن ۾ ” دهشتگرد ڪاررواين جو الزام به هنيو هو، ڊاڪٽر سحر خان مطابق ايران جي وچ اوڀر ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ جيڪا پاليسي آهي، يا ان جو جيڪي پراڪسيز يا حامي تنظيمون آهن، اهي ڪا نئين شيءِ نه آهن، ڇو ته هي ان وقت به موجود هيون، جڏهن اوباما ائٽمي ٺاهه ڪيو هو پر صدر اوباما خطي ۾ ڪنهن وڏي جنگ جو خطرو ٽارڻ لاءِ صرف ائٽمي معاملي تي پورو ڌيان ڏيندي هڪ ٺاهه ڪيو هو ۽ ان سڄي عمل ۾ ٻن سالن جو عرصو لڳي ويو، هن ٻڌايو ته عالمي سفارتڪاري ۾ اڪثر اهڙا ٺاهه ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ ڪو خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪ انتهائي اهم معاملي تي ئي ڌيان رکيو وڃي ٿو ۽ ان کي طئه ڪيو وڃي ٿو، سندس مطابق جيڪڏهن سمورن تڪراري معاملن کي هڪ ئي وقت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته گهڻو ڪري ائين ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي، آمريڪي گادي واري هنڌ واشنگٽن جي ماحول تي اتي ٿيندڙ لابنگ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته واشنگٽن غالب سوچ اها آهي ته آمريڪا کي پنهنجي فوجي قوت جو جتي ۽ جڏهن به موقعو ملي ڀرپور اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ ائين سڄي دنيا تي پنهنجو فوجي ڌاڪو ڄمائي رکڻ گهرجي، اها الڳ ڳالهه آهي ته آمريڪا مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فوج ڪشيءَ ۾ ڪيترو ڪامياب يا ناڪام رهيو آهي، جنگين لاءِ هڪ ئي وقت تيار يا جنگي جنون ۾ مبتلا اها لابي، دفاعي ٺيڪيدارن، هٿيار ٺاهيندڙ ادارن ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي ايجنسين جي آهي، جنهن جا ان راند ۾ بي پناهه مالي مفاد آهن، وچ اوڀر جا معاملا هجن يا روايتي هٿيارن جي ڳالهه يا وري ميزائل ۽ ائٽمي پروگرام ايران ظاهري طور تي هڪ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو آهي ۽ اهڙي ڪا به ڪمزوري ڏيکارڻ نٿو چاهي، جنهن سان ڳالهين جي ميز تي مخالف ڌر کي فائدو پهچي، ڳالهين جي ميز تي ته شايد ايران کي ان ظاهري جارحاڻي حڪمت عملي جو ڪو فائدو ٿي وڃي پر ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ ايران جو اهو رويو خطي ۾ سندس بدترين دشمنن اسرائيل ۽ سعودي عرب کي اهو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اهي آمريڪا کي ان بابت ڪا نرمي اختيار ڪرڻ کان پري رکڻ ۽ دٻاءَ وجهندا رهن ۽ ايران خلاف سڌي فوجي ڪارروائي ڪري زور ڏين. (پورو ٿيو)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو