169

مچ سانحو: مقتولن جي وارثن جي دانهن ورنائي وڃي…

ايڊيٽوريل

ان ڳالهه ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته دهشتگردن جو نه مذهب هوندو آهي ۽ نه ملڪ، نه ڪا قوم هوندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو مسلڪ، پر ان جو شڪار ٿيندڙن جو ملڪ به هوندو آهي، قوم به هوندي آهي ۽ وطن به هوندو آهي ۽ ان وطن ۽ ملڪ تي حڪمراني ڪندڙن جو اهو فرض هوندو آهي ته اهي رياست جي هر شهريءَ کي تحفظ ڏين، رياست جي هر شهريءَ جو برابر خيال رکن ۽ رياست جي هر شهريءَ کي آئين ۾ ڏنل حقن جو تحفظ ڪن، حڪمران رياست جي وڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان جو فرض آهي ته ڏک ۽ سک ۾ پنهنجي عوام سان گڏ بيهي، اها آئيني ۽ حڪمراني جي تقاضا ته آهي ئي آهي پر اسان جي مشرقي معاشري جي انتهائي اهم جٽادار ۽ فضيلت ڀري روايت به آهي ته اسان پنهنجن سان ڏک ۽ سک ۾ گڏ بيهون، نه صرف ايترو پر وقت تي انهن جي سار لهون ۽ کين تحفظ ڏيون ۽ خدانخواسته ڪو اهڙو واقعو جنم وٺي ته فوري طور تي متاثرن وٽ پهچي سندن ڏک ونڊيون، بلوچستان جي شهر مچ ۾ 6 ڏينهن اڳ دهشتگردي جو هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ انسانيت جي دشمن دهشتگردن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان حملو ڪري کين يرغمال بڻائڻ بعد ڇرين جا ڪهي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اهي مقتول هزاره برادري سان تعلق رکن ٿا، ايڏي وڏي واقعي کانپوءِ مقتولن جي وارثن لاش مقامي هنڌ تي روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو پر سندن دل جو ئي لاءِ ڪير به نه پهتو نيٺ 24 ڪلاڪن کانپوءِ ڄاڻايل وارث لاش کڻائي ڪوئيٽا پهتا، ان باوجود صوبائي حڪومت طرفان سندن واهر نه ٿيڻ تي انهن جي ڏک ۽ تڪليف ۾ واڌ ٿي ۽ اهي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، سندن مطالبو هو ته وزيراعظم انهن وٽ 5 منٽن لاءِ ئي صحيح پهچي سندن ڏک ونڊي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌي حل لاءِ ڪا تسلي ڏئي، ان مطالبي کي کڻي ڄاڻايل ماڻهو مائنس 8 ۽ 10 جهڙي سخت سياري ۾ 6 ڏينهن کان روڊن تي ويٺل آهن، انتهائي ڏکوئيندڙ واقعي تي سڄي قوم ڏکاري آهي ۽ هاڻ انهن جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڄو ملڪ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور کان ويندي ملڪ جي هر شهر ۾ ڌرڻا لڳل آهن، ڪراچي ۾ ته 15 کان 16 جاين تي ڌرڻا هنيا ويا آهن، پر ان باوجود هن وقت تائين انهن وٽ وزيراعظم لڙي ناهي پهتو، گذريل ڏينهن مخالف ڌر جا اڳواڻ وفد جي صورت ۾ شهيدن جي وارثن وٽ ڌرڻي ۾ پهتا آهن، انهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز، احسن اقبال، مولانا عبدالغفور حيدري ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن، جن شهيدن جي وارثن سان نه صرف ڏک ونڊيو آهي پر انهن کي اپيل پڻ ڪئي ته اوهان مقتولن جا مڙهه دفنائي مذهبي رسم ادا ڪريو پر وارثن وزيراعظم جي اچڻ تائين لاش دفنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هيءَ انتهائي ڏکوئيندڙ گهڙي آهي ته بيگناهه ماڻهن جا وارث 6 ڏينهن کان لاش روڊن تي رکي ويٺل آهن، ان باوجود ملڪ جو حڪمران جنهن جو سڀني کان پهريون فرض انهن وٽ پهرئين ڏينهن ئي پهچي ڏک ونڊڻ هو، بار بار مطالبن جي باوجود اسلام آباد مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان سمجهون ٿا ته اها انتهائي بيحسي واري حالت آهي ته جنهن وقت وزيراعظم کي پنهنجن ماڻهن جي مٿي تي هٿ رکي کين آٿت ڏيڻ گهرجي انهن جي زخمن تي مرهم رکڻ گهرجي، ان وقت هو اسلام آباد مان ويهي ٽوئيٽ ذريعي کين لاش دفنائڻ جو چئي رهيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته شهيدن جي وارثن جو مطالبو ڪو اهڙو نه آهي، جنهن تي عمل نه ٿي سگهي ۽ وزيراعظم پنهنجي مصروفيتن مان انهن لاءِ وقت نه ڪڍي سگهي، وقت اڃا به نه ويو آهي، اسان وزيراعظم کي اهو چوڻ ۾ حق تي هونداسين ته هي انا ۽ ضد نه پر پنهنجن جي زخمن تي مرهم رکڻ جو وقت آهي، ان ڪري اوهان ٻه قدم ڀري شهيدن جو ڏک ونڊڻ لاءِ انهن وٽ ضرور پهچو ڇو ته ان ۾ اوهان جي وڏائي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو