180

ڪيپيٽل هل تي حملو، ٽرمپ جي سياسي ميراث لاءِ ڪهڙو مطلب رکي ٿو..؟؟

ليکڪ: انٿوني زرچر

هونئن صدر ٽرمپ جي صدارت جو مدو ختم ٿئي ٿو، اهو صرف خاموشي بدران هڪ وڏي ڌماڪي واري انداز ۾ ٿيو، گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ڊونلڊ ٽرمپ 6 جنوري کي اهڙو فيصلو ڪندڙ ڏينهن قرار ڏئي رهيو هو، جنهن ڏينهن سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، هن پنهنجي حامين کي آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي پهچي ڪانگريس ۽ نائب صدر مائيڪ پينس کي چئلينج ڪرڻ جو چيو ته جيئن هو نومبر جي صدارتي چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ۽ صدارت جي ڪرسي ان وٽ ئي رهي، اربع واري ڏينهن صبح جو صدر ۽ سندس جذباتي ڪارڪنن هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيو، صدر جي ذاتي وڪيل روڊي گيلياني چيو هو ته چونڊ تڪرار جو حل ٻنهي اميدوارن ۾ ڪٻٽي ذريعي طئه ڪرڻ گهرجي، ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر صدر ٽرمپ جي وڏي پٽ پنهنجي جماعت جي انهن ميمبرن جي نالي پيغام موڪليو هو جيڪي پنهنجي صدر لاءِ ويڙهه ڪرڻ کان گهٻرائي رهيا هئا، هن چيو هو ته اها هاڻ سندن ريپبلڪن پارٽي نه رهي آهي، هيءَ ٽرمپ جي ريپبلڪن پارٽي آهي، ان کانپوءِ صدر پاڻ وڌيڪ ماڻهن جي اجتماع جو حوصلو وڌايو جيڪي اهي نعرا هڻي رهيا هئا ته ووٽ جي چوري روڪيو ۽ اهو ته هي سڀ بڪواس آهي، صدر جي شهه تي ان مجموعي وائيٽ هائوس کان 2 ميلن جي فاصلي تي واقع ڪيپيٽل هل طرف مارچ شروع ڪيو، صدر ٽرمپ اهو به چيو ته اسان پوئتي نه هٽنداسين، شڪست نه مڃينداسين، اسان جي ملڪ سان گهڻي مذاق ٿي چڪي هاڻ اسان اهو ٿيڻ نه ڏينداسين، جڏهن صدر اهي جملا چئي رهيو هو ته ان وقت ڪيپيٽل هل ۾ جتي ڪانگريس جي اجلاس ۾ الڳ الڳ رياستن جي نتيجن جي منظوري ٿيڻي هئي ته اتي هڪ نئين قسم جو ڊرامو رچائجي رهيو هو، صدر ٽرمپ جي ان هدايت کي ته انهن نتيجن کي کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو تي سڀ کان پهريان نائب صدر مائيڪ پينس بيان جاري ڪيو ته ان يعني صدر ٽرمپ کي اهڙا اختيار حاصل نه آهن ۽ اهو ته سندس ڪردار هاڻ صرف علامتي آهي، ان کانپوءِ ريپبلڪن ايروزونا رياست جي چونڊ نتيجي تي سڀ کان پهريان پنهنجو موقف ڏنو ۽ ان کانپوءِ ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن يعني ايوان نمائندگان ۽ سينيٽ الڳ الڳ اجلاس شروع ڪيا ۽ ان ڳالهه تي غور ڪيو ته ڇا هن رياست ۾ بائيڊن جي فتح کي تسليم ڪيو وڃي يا نه؟ ايوان جي ڪارروائي ۾ ان وقت ٺيڪ گوڙ گهمسان ٿيو، جڏهن ٻنهي طرفن کان پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجا دليل پيش ڪري رهيا هئا، نئين چونڊيل ڪانگريس جي عورت اميدوار لارين بوئيبرٽ چيو ته هن گذريل آچر تي آئين جي دفاع ۽ حمايت جو جيڪو حلف کنيو آهي اهو کيس ان جو پابند ڪري ٿو ته هوءَ ان معاملي تي پنهنجا اعتراض اٿاري، هن نئين چونڊيل ميمبر پنهنجي تازي بيان سبب شهرت حاصل ڪئي هئي، ميڊيا ۾ سندس ان بيان جو جنهن ۾ هن چيو هو ته هو پنهنجي هٿ ۾ بندوق کڻي ڪانگريس ويندي جو خوب چرچو رهيو، هن وڌيڪ چيو هو ته هوءَ ماڻهن کي نظرانداز نه ٿيڻ ڏيندي، سينيٽ ۾ اهو بحث نئون رخ اختيار ڪري ويو، سينيٽ ۾ قائد ايوان اڪثريتي پارٽي جو اڳواڻ مڇ ميڪونيل ڪاري لباس ۽ ٽاءِ اهو لباس جيڪو جنازي تي پاتو ويندو آهي، ۾ آيو، بلڪل ائين ڄڻ هو صدر ٽرمپ جي تعريف ڪرڻ نه پر ان جي تدفين ڪرڻ آيو هجي، مچ ميڪونل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جيڪڏهن موجوده چونڊ هارڻ واري پارٽي جي رڳو الزامن جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏني وڃي ته اهڙي حالت ۾ اسان جي جمهوريت هڪ وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿي، سندس مطابق اسان ڪڏهن به نه ڏٺو آهي ته پوري قوم ڪڏهن ڪنهن ٻئي ڀيري جي چونڊ کي تسليم ڪيو هجي هر چار سالن کانپوءِ اقتدار جي منتقلي هر صورت ۾ ٿيڻي هوندي آهي، ڪينٽڪي جي هڪ سينيٽر جيڪو هاڻ قائد ايوان ٿيندو ڇو ته سندن پارٽي کي جارجيا جي تازين چونڊن ۾ 2 ڀيرا شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، چيو ته سندس چيمبر اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جتي گهٽ مدتي جذبات کي ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي ته جيئن ان جي اُٻار ۽ پگهراءُ سان اسان جي ملڪ جا بنياد نه لڏي سگهن. سندس اهي لفظ اڃا هوا ۾ ئي هئا جڏهن ڪيپيٽل هل جي ٻاهران اهڙا جذبا اڀري آيا ۽ ٽرمپ جي حامين شايد ان کان پهرين تقريرن کان متاثر ٿي عمارت تي حملو ڪري ڏنو، اهي ناڪافي سيڪيورٽي کي اکين ۾ ڌوڙ وجهي اندر داخل ٿي ويا ۽ اجلاس جي ڪارروائي کي روڪي ڇڏيو، ڪانگريس جي ميمبرن، عملي ۽ ميڊيا جي نمائندن حملو ڪندڙن کان بچڻ لاءِ محفوظ جاءِ طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ اهو ڊرامو مختلف مرحلن ۾ طئه ٿيو، ٽي وي چئنلن تي انهن مظاهرين جون اهڙيون تصويرون نشر ٿيون جنهن ۾ هو رقص ڪندا رهيا ۽ ڪيپيٽل هل جي ڏاڪڻن تي بيهي جهنڊا جهولائيندا رهيا، جهيڙو فساد ڪندڙن جون سوشل ميڊيا تي به اهڙيون تصويرون آيون جنهن ۾ هو عمارت اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪانگريس جي ميمبرن جا چيمبر ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ چونڊيل نمائندن ۽ سيڪيورٽي آفيسرن جي آفيسن ۾ ويهي تصويرون ڪڍرائي رهيا هئا، دروازن تي سموريون رڪاوٽون پار ڪري ايوان نمائندگان ۾ بندوقون پهچايون ويون، ولمنگٽن ۾ نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن معيشت تي پنهنجي طئه ڪيل تقرير ڇڏي ان قدم جي مذمت ڪئي ۽ ان کي سرڪشي قرار ڏنو، هن چيو ته اهو اسان جي جمهوريت تي هڪ اهڙو حملو آهي، جنهن جو جديد دور ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، هن چيو ته هي آزادي جي قلعي تي ۽ خود ڪيپيٽل تي هڪ حملو آهي، هن پنهنجي تقرير جي خاتمي تي صدر ٽرمپ کي اهو چئلينج ڏنو ته هو قومي ٽي وي تي ان تشدد جي مذمت ڪري ۽ گهيرو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري، ڪجهه وقت کانپوءِ ٽرمپ قوم جي نالي تي هڪ پيغام ڏنو پر اهو ان کان مختلف هو جيئن بائيڊن چاهيو ٿي، ائين محسوس ٿيو چونڊ چوري جي شڪايت ۽ پنهنجي حامين وچ ۾ ڦاسي پيو هجي، هن پنهنجي حامين کي چيو ته گهر وڃو، اسان اوهان سان پيار ڪريون ٿا ۽ اوهان اسان لاءِ انتهائي خاص آهيو، ائين صدر پنهنجي حملو ڪندڙ حامين کي هڪ عام معمول جو جواب ڏنو، ڀلي اهو جوبائيڊن سان سندس پهريون مباحثو هو جڏهن سندس حامين ۽ ڪارن ماڻهن جي هڪ ريلي وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن تي هن به صرف اهو پيغام موڪليو ته ٻنهي طرفن جا ماڻهو انتهائي سٺا آهن. ٽرمپ جي پنهنجي حامين لاءِ ٽوئيٽس جن ۾ انهن سندس تعريف ڪئي هئي، پهريان ٽوئيٽر انتظاميا طرفان فليگ ڪيون ويون ۽ پوءِ هٽايون ويون، اهو هڪ غير معمولي واقعو هو، جنهن ۾ صدر جي اڪائونٽ جي 12 ڪلاڪن تائين نگراني ڪئي وئي، ان کانپوءِ فيس بڪ به هڪ ڏينهن لاءِ ٽرمپ جو اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو، ٽرمپ کي سندس طويل صدارتي مدي دوران سوشل ميڊيا سان سندس لاڳاپي دوران پهريون ڀيرو ائين سوشل ميڊيا تي چپ ڪرايو ويو، ٽپهري تائين پوليس ڪيپيٽل هل جو انتظام سنڀالي ورتو ته پوءِ هر طرف کان تشدد خلاف مذمتي بيانن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ 6 جنوري کي آمريڪي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويو.تنقيد ڪندڙن مطابق اها اسان جي قوم لاءِ هڪ آخري تنبيهه آهي هڪ اهڙي صدر  جا نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا جيڪو عوام کي اصلاح ۽ احوال وارا نظريا ڏيڻ بدران سندن جذبن سان کيڏي ٿو، هي اهڙن ماڻهن لاءِ تنبيهه آهي جيڪي کيس ان قابل بڻائين ٿا، هڪ غلام ميڊيا جيڪا ان جي ڪوڙ تي پردو وجهي ٿي ۽ اهڙا ماڻهو جيڪي کيس فالو ڪن ٿا، هو آمريڪا کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي ۽ خاص طور تي هي ريپبلڪن جي لاءِ به تنبيهه آهي جيڪي اهو سڀ ڀوڳي رهيا آهن.ڪانگريس جي عورت ميمبر لين چيني جيڪا ريپبلڪن ۾ صدر جي ناقد رهي آهي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان کي ڪيپيٽل ۾ اڃا هڪ پرتشدد هجوم سامهون آهي ۽ اهو هن طرفان اسان کي اسان جي آئيني حق کان روڪڻ جي هڪ ڪوشش آهي، هن وڌيڪ چيو ته اهو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته صدر ان هجوم کي تيار ڪيو، پر صدر ان کي ورغلايو ۽ پوءِ ان هجوم کي خطاب به ڪيو اها مذمت صرف ٽرمپ جي تنقيد نگارن طرفان ئي نه پئي ڪئي وڃي پر هميشه صدر جو ساٿ ڏيندڙ سينيٽر ٽام ڪاٽن به ان تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته صدر لاءِ چونڊ نتيجن کي تسليم ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي، کيس هاڻ آمريڪي عوام کي گمراهه نه ڪرڻ گهرجي ۽ کيس هجوم طرفان تشدد کي رد ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن خاتون اول ميلانيا ٽرمپ جي چيف آف اسٽاف اسٽيفني گريشم ۽ وائيٽ هائوس جي ڊپٽي پريس سيڪريٽري سارا ميٿيوز عمل خلاف احتجاج طور عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هاڻ اهي به اطلاع آهن ته وڌيڪ حڪومتي عملدار ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا، سي بي ايس جي رپورٽ مطابق ٽرمپ انتظاميا جي ڪابينا جا عملدار آمريڪي آئين جي 25 هين ترميم تي غور ڪري رهيا آهن، جنهن تحت نائب صدر ڪابينا جي اڪثريت سان گڏجي صدر کي عارضي طور تي ان جي عهدي تان هٽائي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو