194

اوهان وٽ ترڪش ڊراما ڏسڻ ۽ ڪتن سان کيڏڻ لاءِ وقت آهي پر مظلومن جي مٿي تي هٿ رکڻ لاءِ وقت ناهي: مريم نواز جي وزيراعظم تي تنقيد

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اوهان وٽ ترڪش ڊراما ڏسڻ لاءِ وقت آهي پر مظلومن جي مٿي تي هٿ رکڻ لاءِ ناهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جي مڇ سانحي بابت ڏنل موقف جي ردعمل ۾ مريم نواز جو چوڻ آهي ته اها بيحسي جي انتها آهي، توهان تي 22 ڪروڙ عوام جي ذميواري آهي، ماڻهن جي آهن دانهن کي بليڪ ميلنگ چوندا ته ان تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته هو پنهنجن پيارن جا لاش اڳيان رکي ويٺا آهن، ڇا انهن جي لاشن کان وڌيڪ اوهان جي انا وڏي آهي؟ هو چئي رهيا آهن ته اوهان اچو، انهن جي مٿي تي هٿ رکو، اهي چئي رهيا آهن ته انهن کي ڪجهه يقين ڏياريو، اسان لاش دفنائين ڇڏينداسين ۽ ان کي اوهان بليڪ ميلنگ چئي رهيا آهيو، اهو اوهان جو فرض آهي، اهو اوهان کي پورو ڪرڻو پوندو. ليگي اڳواڻ چيو ته توهان وٽ ترڪش ڊراما ڏسڻ ۽ اداڪار سان ملڻ جو وقت آهي، اوهان وٽ ڪتن سان کيڏڻ جو وقت آهي پر مظلوم ماڻهن جي مٿي تي هٿ رکڻ جو وقت ناهي؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو