راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي بحرين جي ايوارڊ ”بحرين آرڊر“ سان نوازيو ويو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا بحرين جو دورو ڪيو، جتي بحرين جي ولي عهد، ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حماد سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف فيلڊ مارشل شيخ خليفه احمد الخليفه ۽ بحرين جي هٿياربند فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، ٻطرفن سيڪيورٽي ۽ دفاعي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق بحريني قيادت پاڪستان سان خاص لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ واري عزم جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته بحرين جي ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي بحرين جي ايوارڊ ”بحرين آرڊر“ سان به نوازيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي بحرين جو اهو ايوارڊ پاڪ بحرين دفاعي سهڪار ۾ نمايان خدمتن تي ڏنو ويو. جنرل قمر جاويد باجوا دوري دوري پاڪ بحرين فوجي مشق البدر جو به مشاهدو ڪيو ۽ پاڪ بحرين مشقن ۾ سکيا جي معيار کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ بحرين گڏيل فوجي مشقون دهشتگردي خلاف عزم جو ثبوت آهن.
