185

ڪپتان جو فرعونيت وارو لهجو ٻڌائي ٿو ته سندس ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن: اسفند يار ولي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي وزيراعظم جي مڇ سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي تدفين بابت ڏنل بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪپتان جو فرعونيت وارو لهجو ٻڌائي ٿو ته سندس ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هزارا برادري لاءِ ڌمڪي واري ٻولي جو استعمال سندن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. هن چيو ته وزيراعظم جيڪڏهن عوام جو ناهي ته پوءِ ڪنهن جو آهي؟ ڪوئيٽا ۾ لاش پيا آهن پر وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل شخص جي سيني ۾ دل ئي ناهي. هن چيو ته انسانن تي جيڪڏهن رحم نٿو اچي ته گهٽ ۾ گهٽ ان لاشن تي ئي رحم کائو جيڪي گذريل 6 ڏينهن کان پيل آهن، خبر ناهي ته وزيراعظم ڪوئيٽا وڃڻ لاءِ ڪنهن جي حڪم ۽ اجازت جو انتظار ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو