224

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذڪي الرحمان لکوي کي 15 سال قيد سان گڏ 3 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پابندي مڙهيل تنظيم جي سرگرم اڳواڻ ذڪي الرحمان لکوي کي چندو گڏ ڪرڻ ۽ پابندي مڙهيل تنظيم هلائڻ واري ڪيس ۾ 15 سال قيد ۽ 3 لک ڏنڊ واري سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 3 جي جج اعجاز احمد بٽر ٽرائل مڪمل ٿيڻ، ثبوتن ۽ شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو، جڏهن ته ٻڌڻي دوران نصير الدين نيئر ۽ محمد عمران فضل گل ايڊووڪيٽ طرفان جرح ڪئي وئي. ٻئي پاسي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذڪي الرحمان لکوي جي ساٿي جوابدار ابو انس محسن کي ترت گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو