177

گڏيل عرب امارات ۾ روس جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جا ٽرائلز شروع

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب عمارات ۾ روس جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جا ٽرائلز شروع ڪيا ويا آهن. برطانوي خابرو اداري موجب گڏيل عرب امارات ۾ روس جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسن جا ٽرائلز شروع ڪيا ويا آهن جنهن دوران پهرين مرحلي ۾ رضاڪارن کي 20 ڏينهن جي وقفي سان ويڪسين جون ٻه خوراڪون ڏنيون وينديون. ٽرائلز ۾ شامل رضاڪارن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال يا ان کان وڌيڪ هوندي، ان کانسواءِ هو ڪڏهن به ڪورونا کان متاثر نه ٿيل هوندا ۽ نه ئي ڪنهن ٻي ويڪسين جي ٽرائلز ۾ شامل ٿيا هوندا. اماراتي حڪومت ويڪسن جي ٽرائلز جو اعلان گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڪيو هو. شروع ۾ ابوظهبي جي اسپتال ۾ ويڪسين لڳائڻ لاءِ 500 کان به وڌيڪ رضاڪارن کي ڳوليو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو