178

آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي اگهن ۾ گڏيل لاڙو رهيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي اگهن ۾ گڏيل لاڙو رهيو جنهن جو سبب ڊالر جي شرح مٽا سٽا ۾ اضافي ۽ نئين آمريڪي ريليف پيڪيج جو امڪان آهي. نيويارڪ ۾ سپاٽ گولڊ جي وقفي ويجهو اگهه 0.4 سيڪڙو گهٽتائي سان 1910.71 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي سون جا سودا 0.2 سيڪڙو اضافي سان 1911.40 ڊالر في اونس طئي ٿيا. لنڊن ۾ سپاٽ گولڊ جي وقفي ويجهو اگهه 0.2 سيڪڙو گهٽتائي سان 1915.21 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي سون جا سودا 0.5 سيڪڙو اضافي سان 1918.30 ڊالر في اونس طئي ٿيا. سنگاپور ۾ سپاٽ گولڊ ٻنپهرن جي وقفي ويجهو اگهه 0.4 سيڪڙو اضافي سان 1925.90 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي سون جا سودا 1سيڪڙو اضافي سان 1927.90 ڊالر في اونس طئي ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو