166

ڌاٻيجي ڀرسان پولٽري فارم تان پنجاب واسي ٻن نوجوانن جا لاش هٿ

ڌاٻيجي (ويب ڊيسڪ) ڌاٻيجي ڀرسان پولٽري فارم تان پنجاب واسي ٻن نوجوانن جا لاش هٿ آيا آهن. رپورٽن مطابق ڌاٻيجي ڀرسان پولٽري فارم تان پنجاب صوبي جي ڊيرا غازي خان جي رهواسي ٻن نوجوانن 30 ورهين جي طارق ۽ 35 ورهين جي صابر جا لاش هٿ آيا، اهڙو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي ٻنهي نوجوانن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. پوليس مطابق ٻئي نوجوان پنجاب جي ڊيرا غازي خان جا رهواسي آهن، سندن موت بابت هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو