390

ڄامشورو واسي بهار لغاري پاران جوڙيل ايپ ڪاميابيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڄامشورو (رپورٽ :حاڪم چانڊيو) سنڌي ٻوليءَ ذريعي انگريزي سوڌو 12 عالمي ٻوليون سکڻ وارو اينڊرائيڊ ايپ تيار ڪندڙ ڄامشورو واسي نوجوان بھار لغاري جو ايپ گوگل پلي اسٽور تي اپ لوڊ ٿيڻ جي گذريل پنجن ڏينهن اندر وڌ کان وڌ انسٽال ٿيڻ ڪري پوري دنيا ۾ تڪڙو ۽ گهڻو ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپليڪيشن ۾ ماضي جا رڪارڊ ٽوڙيندي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي. اينڊرائيڊ سافٽ ويئر ماهر بھار لغاري پاران تازو جوڙيل ايپ ۾ سنڌي ذريعي انگريزي، چيني،جاپاني، عربي، ھندي، اسپينش، پورچوگيز، رشين، جرمن، سوڌو 12 ٻوليون سکڻ واري ايپ جيڪا نئين سال جي پھرين ڏينھن گوگل پلي اسٽور تي اپ لوڊ ڪئي وئي هئي، جيڪا شروعاتي ٽن ڏينھن اندر سڄي پاڪستان ۾ تعليمي ڪيٽيگري اندر پنجين نمبر ٽرينڊ تي مشھور ٿي وئي هئي. جيڪا اپ لوڊ ٿيڻ کان پنجن ڏينهن اندر دنيا ۾ پهرين نمبر تي اچي وئي آهي. اينڊرائيڊ ايپ تيار ڪندڙ نوجوان بھار لغاري کي مڃتا ڏيڻ لاءِ لاءِ سندس چاهيندڙن طرفان هتي مقامي هوٽل ۾ پر وقار تقریب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اينڊرائيڊ ايپ تيار ڪندڙ نوجوان بھار لغاري شريڪ ماڻهن کي پنهنجي ايپ بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو، گوگل پلي اسٽور تي هڪ ايپ جيڪو ٻن سالن کان پهرين نمبر تي موجود هو ان جو رڪارڊ منهنجي ايپ پنج ڏينهن اندر ٽوڙي ڇڏيو آهي، بهار لغاري اهو به ٻڌايو ته اهو ٻن سالن کان پهرين نمبر تي موجود ايپ پڻ ڄامشورو واسي سنڌي نوجوان سافٽ ويئر ماهر جاويد سولنگي جو هو. بهار لغاري جو چوڻ هو ته منهنجي ايپ ۾ مجموعي طور تي 12 ئي ٻولين جا 36 هزار لفظ موجود آهن ۽ ان ايپ جي نشاندهي ڪيل خامين جي روشني ۾ استعمال ڪندڙن جي خواهش تي وڌيڪ بهتري آندي ويندي. اينڊرائيڊ سافٽ ويئر ماهر بهار لغاري موجب مختلف نالن ۽ موضوعن تي 5 ايپ تيار ڪري چڪو آهيان. جن ۾ سنڌي رائيٽنگ، آئي ڪيو ٽيسٽ، سنڌي الفابيٽ، لرن انگلش ان سنڌي، ڪلاس ون بڪس سنڌي (سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پهرين درجي جي سموري نصاب جا ڪتاب) ايپ ۾ شامل آهن. جن سنڌي ٻوليءَ کان انگريزي سکڻ واري ايپ هن وقت به دنيا سطح تي پهرين نمبر تي موجود آهي. هي منهنجي ٻي ايپ آهي جيڪا عالمي سطح پهرين نمبر تي آئي آهي ۽ ان ايپ کان پھرين سنڌي الفا بيٽ ايپ گلوبلي ٽاپ ٽين ۾ ستين نمبر تي آھي. يونيڪوڊ ۾ سنڌ ٻولي کي شامل ڪندڙ مشهور سافٽ ويئر ماهر جاويد احمد سولنگي ڳالهائيندي چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي اينڊرائيڊ ايپ تيار ڪندڙ بهار لغاري جهڙي نوجوان جي تازو تيار ڪيل ايپ عالمي مڃتا ماڻي ورتي آهي، جنهن تي کيس جس هجي، جيڪو ڪم ڪروڙن جي بجيٽ رکندڙ ادارن اڄ ڏينهن تائين نه ڪيو آهي اهو هن هٿين خالي ۽ پورهيت نوجوان ڪري ڏيکاريو آهي اسان جي ڪوشش هوندي ته سندس جوڙيل ايپ ۾ بهتري آندي وڃي. سنڌي ٻوليءَ سکڻ جو چاهه رکندڙ نوجوانن کي گهرجي ته اهي هن ايپ جي مدد سان نه رڳو انگريزي پر ٻيون ٻوليون به سگهن. سافٽ ويئر جي اداري انڊسليڪان جي ڊائريڪٽر علي حسن ملاح ڳالهائيندي چيو ته  نوجوان بھار لغاري نه رڳو سنڌي ٻوليءَ پر عالمي سطح جي ٻين 12 ٻولين ۾ نج لسانيات وارو ڪم ڪيو آهي، جنهن جو اڳ ۾ سافٽ ويئر يا ايپس جي دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي، علي حسن ملاح جو وڌيڪ چوڻ هو ته بهار لغاري جو ڪم ڏکڻ ايشيا جي نوجوانن لاءِ مثالي آهي ۽ بهار لغاري ڪنهن اعلي تعليمي اداري مان اهو سڀ ڪجهه ناهي سکيو پر هن پنهنجي شوق ۾ ماسي گوگل ۽ چاچا يوٽيوب کان استادي وٺي سنڌي ٻوليءَ لاءِ تاريخي ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر علي اصغر سانگاهه،  پروفيسر فهيم نوناري، ايڊووڪيٽ صادق بليدي، سينيئر صحافي حاڪم چانڊيو، تعليمي ماهر ولي محمد ڏاهري، نادر چانڊيو، سنڌ يونيورسٽي جي سافٽ ويئر جي شاگرد شعيب چانڊيو، صحافين زوهيب سولنگي، مير مرتضي نوحاڻي، سهيل احمد جويو ۽ ٻين پڻ پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بهار لغاري جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو ڪم ڪروڙن جي بجيٽ رکندڙ اسان جي قومي ادارن کي ڪرڻ گهرجي ان باوجود اهڙن سرڪاري ادارن ۾ ويٺلن کي اکيون کولي ڪم ڪرڻ گهرجي ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي قوم جا نوجوان ڇا گهُر ڪري رهيا آهن، قوم جي نوجوانن کي ڪلڪ پٽي سان ڪئليگرافي سيکاري ڪروڙين روپيا هڙپ ڪرڻ نه پر آڱرين جي اشارن سان دنيا کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي اينڊرائيڊ ايپ تيار ڪندڙ نوجوان بھار لغاري ۽ مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو