ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان پاران ڪرڪيٽ کيڏڻ دوران ماسڪ نه پائڻ تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو ڪجهه ٻارڙن سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏندي نظر اچي رهيو آهي، وڊيو ۾ اداڪار عامر خان سٺي راند کيڏي رهيو آهي پر ماڻهو سندس ڪرڪيٽ کان وڌيڪ متاثر نظر نه پيا اچن، جڏهن ته ايترن ماڻهن جي موجودگي ۾ ماسڪ نه پائڻ تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. رڳو عامر خان ئي نه پر گهٽي ۾ موجود ٻارڙن کي به ماسڪ ناهي پاتل، وڊيو جي آخر ۾ عامر خان ٻارڙن سان سيلفي ڪڍي ٿو ۽ ان دوران سڀ ماڻهو گڏ بيهي وڃن ٿا، ان وقت به ڪنهن کي ماسڪ پاتل ناهي، جنهن اڪائونٽ تان اها وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي ان تي عامر خان ۽ ان سان گڏ ٻين ٻارڙن کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ويو آهي ته ڪنهن به ماسڪ ناهي پاتو، ڪيئن، ڇو؟ سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن پاران عامر خان جو دفاع ڪندي چيو آهي ته راند کيڏندي ماڻهن کي ساهه کڻڻ جي ضرورت هوندي، جيڪڏهن ڪرڪيٽ کيڏندي اهي ماسڪ پائيندا ته کين ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي.
231