172

ڏکڻ آفريڪا جي دوري ۾ ڪپتان بسمه معروف جي کوٽ محسوس ٿيندي: عاليا رياض

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽين جي آل رائونڊر عاليا رياض جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا واري دوري ۾ ڪپتان بسمه معروف جي کوٽ محسوس ٿيندي. پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم 11 جنوري تي ڏکڻ آفريڪا رواني ٿي رهي آهي، جتي هو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي. ڪپتان بسمه معروف گهريلو سببن جي ڪري دوري تان هٿ کڻي وئي آهي ۽ سندس غير موجودگي ۾ جويريه خان ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. عاليا رياض جو ڏکڻ آفريڪا جي دوري ۾ ڪپتان بسمه معروف جي کوٽ محسوس ٿيندي پر سندس غيرموجودگي ۾ نئين ڇوڪرين کي پاڻ کي مڃائڻ جو هي سٺو موقعو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو