127

وزيراعظم ڪوئيٽا پهچي ويو، مقتول پورهيتن جي وارثن سان ملاقات، شهدا ڪميٽي جو بليڪ ميلنگ واري بيان تي عمران خان سان احتجاج

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مواڇ سانحي جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، وزيراعظم نور خان ايئربيس کان ڪوئيٽا جي لاءِ روانو ٿيو هو، گهرو وزير شيخ رشيد به ان سان گڏ آهي. وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا پهچڻ کان پوءِ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پهتو جتي پوليس جي دستن کيس سلام  پيش ڪئي.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت به ڪندو ۽ کيس مچ سانحي بابت بريفنگ به ڏني ويندي. ذريعن  وڌيڪ ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان مچ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪندو.ان کان علاوه وزيراعظم هزارا اڳوڻن سان به ملاقات ڪندو ۽ انهن جا خدشا ٻڌندو. ياد رهي ته 7 ڏينهن اڳ مچ ۾ نامعلوم هٿياربندن  ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيتن کي  فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو