155

کنڊ 95 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي، جلد 100 رپين تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) ملڪ ۾ کنڊ 95 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، 100 رپيا تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، شگر ملز ايسوسيئيشنز وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو آهي، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جو في ڪلو 90 کان 95 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، هوڏانهن شگر ملز ايسوسيئيشنز وزيراعظم کي لکيل خط ۾ ۾ چيو آهي ته حڪومتي حڪم تي ڪرشنگ 30 نومبر کان 15-20 ڏينهن اڳ شروع ڪئي، ڪمند جي رڪوري گهٽ ٿي آهي، ملڪ تقريبن 3 لک ٽن کنڊ کان محروم ٿي ويو آهي، حڪومت يقين ڏياريو هو ته مڊل مين کي مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين، 200 رپيا في مڻ ڪمند جي قيمت کي يقيني بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو