206

ملڪ ۾ 17 ڪلاڪن جي وڏي بريڪ ڊائون بعد بجلي بحال ٿي وئي، جاچ ڪاميٽي قائم، گڊو ٿرمل جا 7 آفيسر معطل، شهرن جون رونقون موٽي آيون

اسلام آباد/ڪراچي/گڊو (م ڊ/نمائندن وٽان)ملڪ ۾  وڏي بريڪ ڊائون بعد بجلي بحال ٿي وئي، جاچ ڪاميٽي قائم، گڊو ٿرمل جا 7 آفيسر معطل، توانائي واري وفاقي وزير صورتحال جي پاڻ نگراني ڪئي، توانائي وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته رات جو 11 لڳي 41 منٽن تي گڊو پاور پلانٽ ۾ مسئلو ٿيو، فريڪوئينسي 50 کان زيرو تي هلي وئي، سمورن رخن کان جاچ ٿيندي، رپورٽ موجب  17 ڪلاڪن جي لڳاتار جدوجهد بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 747 ميگاواٽ جو يونٽ نمبر 15 بحال ڪري بجلي فراهم ڪئي وئي آهي، اين ٽي ڊي سي شروعاتي رپورٽ نيپرا کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ملڪگير بريڪ ڊائون جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. گڊو ٿرمل پاور ۾ رات جو 11 لڳي 41 منٽن تي فالٽ اچي ويو، جنهن ڪري بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو، جهلم، منگلا ۽ تربيلا بجلي گهرن جا پاور پلانٽس پڻ بند ٿي ويا، جڏهن ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو بجلي نظام به ويهي ويو، جنهن ڪري سموري ملڪ ۾ اوندهه ٿي وئي، بريڪ ڊائون جي ڪري آزاد ڪشمير به اوندهه ۾ ٻڏي ويو، جڏهن ته بجلي تي هلندڙ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو، جڏهن ته بجلي نه هجڻ جي ڪري عوام پڻ وڏي مسئلي کي منهن ڏنو، هوڏانهن سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، لاڙڪاڻو، بدين، ڄامشورو، دادو، سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، شهيد بينظير آباد، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ وڏو بريڪ ڊائون ٿيو، وڏي بريڪ ڊائون بعد منجهند کانپوءِ تربيلا، منگلا ۽ وارسڪ پاور هائوس جي يونٽن مان بجلي جي پيداوار جو عمل شروع ڪيو ويو، جڏهن ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ بجلي پڻ آهستي آهستي بحال ٿي وئي، شام تائين بحالي وارو مڪمل ٿي ويو، هوڏانهن وفاقي سرڪار بجلي جي بريڪ ڊائون جي آزاد جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪاميٽي بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون بابت جاچ ڪندي، رپورٽ اعليٰ اختيارين کي ڏيندي، هوڏانهن لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي ويندي، حقيقتون ظاهر ڪيون وينديون. ٻئي طرف فالٽ ڳولڻ ۾ دير ٿيڻ تي گڊو ٿرمل جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حماد عامر ھاشمي فالٽ دير سان ڳولڻ تي ڊپٽي پلانٽ مئنيجر آپريشن سھيل احمد،  جونيئر انجنيئر ديدار احمد چنو، فورمين علي حسن گولو، اٽينڊنٽ سراج احمد ميمڻ، آپريٽر اياز ڏھر ۽ آپريٽر سعيد احمد ۽ الياس احمد معطل ڪري ڇڏيا آهن، هوڏانهن 17 ڪلاڪن جي لڳاتار محنت کانپوءِ 747 ميگاواٽ جو هڪ يونٽ نمبر 15 بحال ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 60 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ آئي ۽ آهستي آهستي بجلي فراهمي پڻ شروع ڪئي وئي، هوڏانهن توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته سڄي صورتحال جي مون پاڻ نگراني ڪئي هئي، فريڪوئينسي ڪرڻ جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جيڪو به ذميوار هوندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو