لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن پي ڊي ايم سان گڏجي ننڍيون چونڊون وڙهڻ ۽ پ پ اميدوارن جي سامهون پنهنجو اميدوار نه بيهارڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو فيصلو پارٽي ماڊل ٽائون لاهور ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ احسن اقبال جي صدارت هيٺ ن ليگ جي مرڪزي پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ننڍين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ڀرپور فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پنجاب جي 3 سيٽن تي پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار آڻڻ لاءِ مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ پ پ جي سيٽن تي ننڍين چونڊن ۾ ن ليگ جو اميدوار نه بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اميد آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون ننڍين چونڊن ۾ هڪ ٻي جو ساٿ ڏئي حڪومتي اميدوارن کي هارائينديون. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي مقابلي ۾ اسين پنهنجا اميدوار نه بيهارينداسين. سينيٽ چونڊن ۾ پڻ ميدان خالي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس جماعت فارن فنڊنگ ڪيس جو اين آر او ورتو آهي، لنڊن پلان فارن فنڊنگ ڪيس سان ٿيو، ڀارتي ۽ اسرائيلي فنڊنگ سان ملڪ ۾ بدامني پيدا ڪندا رهيا. سندس چوڻ هو ته حڪومت انساني مسئلي کي فرقي سان جوڙيو، جنهن تي ان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان 5 سال پورا ڪيا ته پوءِ ڪير به وزارت عظميٰ جو اميدوار ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. هزاره برادري وٽ وزيراعظم جي نه وڃڻ جي مذمت ٿو ڪريان، هاڻي جڏهن ڪوئيٽا ويو ته اهو ڪهڙو وڃڻ ٿيو.
