خيرپور/پريالوءِ/پيرجوڳوٺ (ثناءُ الله ميمڻ/منٺار جاگيراڻي/ديدار سولنگي) ڪوٽ ميرمحمد لڳ اوڍا، ڀٽا ۽ ناريجا خوني تڪرار تان آچر واري رات جو ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ هٿياربندن هٿان گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ 2 ڳڀرو 17 سالن جو ابوبڪر پٽ عبدالحفيظ ڀٽو ۽ 10 سالن جو امجد علي پٽ علي ڏنو ڀٽو ڪراچي اسپتال ويندي زخمن جا سور نه سهندي ڄامشورو وٽ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سراج احمد ڀٽو هڪ ڏينهن اڳ گوليون لڳڻ سبب اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو، اهڙي اطلاع بعد ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ مقتولن جي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو، مقتولن جي وارثن پ پ اڳواڻ صدرالدين ڀٽو، حاجي ڀاڳيل ڀٽو، حاجي نبن ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڀٽا برادري جي سوين ماڻهن ٻٻرلوءِ قومي شاھراھ وٽ مقتولن امجد علي، سراج احمد ۽ ابوبڪر ڀٽو جا لاش روڊ تي رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ 7 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي لڳڻ سبب پنجاب ۽ ڪراچي طرف ايندڙ ويندڙ هزارين گاڏيون بيھجي ويون، ايس ايس پي هيڊ ڪواٽر نوشيروان چانڊيو ۽ ٻين پوليس نفري ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پھچي ڀٽا برادري جي چڱن مڙسن صدرالدين ڀٽو، ڀاڳيل ڀٽو، نبن ڀٽو ۽ ٻين سان ڳالھيون ڪري مقتولن جي جوابدارن ۽ ڌاڙيل احمدو ناريجو ۽ سندس ٽولي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو، لاش ڳوٺ پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو، مقتولن جون وارث عورتون جوابدارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي رھيون هيون، ٻئي طرف مقتولن جي جنازي نماز ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ ادا ڪئي وئي، ڳوٺ مان هڪ ئي وقت 3 جنازا کڄڻ وقت قيامت صغرا جو منظر برپا ٿي ويو، هر طرف رڙيون ۽ اوڇنگارون هنيون، مقتولن کي سندس اباڻي الرا قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندن وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي، آخري اطلاعن تائين ٽنھي مقتولن جو ڪيس فيض محمد ٻنڊو پوليس داخل نه ڪيو هو.
228