واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ڪانگريس اسپيڪر نينسي پلوسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي چريو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، کيس اقتدار مان ڪڍڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، صدر ڊونلڊٽرمپ خلاف مواخذي جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو سڀاڻي سومر ڏهاڙي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ قومي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي، کيس برطرف ڪيو وڃي، جڏهن ته اسپيڪر نينسي پلوسي جو چوڻ هو ته چريي شخص جي ايٽمي ڪوڊ تائين رسائي انتهائي حساس معاملو آهي، هڪ چريي صدر کي حاصل غيرمعمولي اختيار آمريڪي قوم لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
172