201

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 46 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 2899 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 46 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 2899 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 44 هزار 410 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 2899 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن  ته وبا وگهي وڌيڪ 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو