208

مودي جو ڪم پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ آهي،اصل رٽائرمينٽ ته رڳو قبر ۾ ئي ٿيندي آهي:وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته تبديلي هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي، اصل رٽائرمينٽ ته رڳو قبر ۾ ئي هوندي آهي. ڊجيٽل ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام مان رڳو 3 هزار ماڻهو 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏين ٿا، اسان مري مري جيڪو ٽيڪس گڏ ڪريون ٿا ان مان اڌ گذريل حڪومتن پاران ورتل قرض جي قسطن تي هليو وڃي ٿو، منهنجي زندگي ته تمام سولي ٿي وڃي جيڪڏهن مان انهن کي اين آر او ڏيندس، پر اها پاڪستان جي تباهي آهي. وزيراعظم چيو ته انقلاب جو مطلب هوندو آهي ته اسٽيٽڪو جي تبديلي، ان لاءِ مسلسل جدوجهد جي ضرورت آهي، تبديلي هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي، اهو ڪو سوئچ ناهي جو آن ڪريون ته تبديلي اچي وڃي. هن چيو ته اسان هڪ فيصلو ڪندڙ مرحلي ۾ آهيون، اسان جي برآمدات وڌي رهي آهي، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ٽيڪ آف ڪري وئي آهي، سروس انڊسٽري هن وقت پوري دنيا ۾ بحران جو شڪار آهي، جڏهن اوهان خرچ گهٽائيندا آهيو ته ضرورتن کي هيٺ کڻي ايندا آهيو. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت جو هڪ ئي مقصد آهي ۽ اهو پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، اصل رٽائرمينٽ ته رڳو قبر ۾ ئي هوندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو