177

پي ڊي ايم نه استعيفيٰ ڏيندي ۽ نه ئي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ هاڻي مري رهي آهي، اهي ماڻهو استعيفيٰ نه ڏيندا ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ به حصو وٺندا. فريڊم هائوس ۾ آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان  بهترين اڳواڻ ثابت ٿيو آهي، جيڪو جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان کي اڳيان وٺي ويندو، وزيراعظم پاڪستان جي سياست ۽ معيشت کي به بهتر ڪندو، چورن ۽ ڦورن سان مفاهمت ڪرڻ بدران انهن جو احتساب ڪندو. شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم نه استعيفيٰ ڏيندي ۽ نه ئي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو