لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) غلطي سان سرحد پار ڪندڙ 6 پاڪستاني نوجوانن کي پاڪستاني سيڪيورٽي عملدارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ڀارت جي بارڊر سيڪيورٽي فورس 8 جنوري تي لاهور ۽ امرتسر سان ڳنڍيل سرحد ويجهو 6 پاڪستاني نوجوانن محمد آصف، عمر فاروق، محمد عارف، محمد ارسلان، راجا عباس ۽ شوڪت کي گرفتار ڪيو هو، جن جو تعلق ڊيرا اسماعيل خان سان ٻڌايو پيو وڃي، جن کان ڪابه شڪي شيءَ هٿ نه آئي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته بي ايس ايف ان ئي ڏينهن تي نوجوانن جي گرفتاري بابت پاڪستاني عملدارن کي آگاهه ڪيو هو، انهن نوجوانن جي واپسي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي فورسز وچ ۾ فليگ ميٽنگ به ٿي، جنهن کانپوءِ نوجوانن جي سڃاڻپ ڪئي وئي ۽ کين واهگا بارڊر وٽ پاڪستاني عملدارن حوالي ڪيو ويو.
201