190

ڪورونا باوجود پي ايس ايل پاڪستان ۾ ٿيڻ خوشي جهڙي ڳالهه آهي: احسان ماني

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس باوجود پي ايس ايل پاڪستان ۾ ٿيڻ خوشي جهڙي ڳالهه آهي. پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي ڊرافٽنگ کان پهرين صحافين سان ڳالهائيندي بورڊ سربراهه احسان ماني جو چوڻ هو ته ڪوشش هوندي ته سمورا ايونٽس پاڪستان ۾ ڪرايون، ايندڙ وقت حالتون ڪهڙيون هونديون ان تي ڪجهه ڳالهائي نٿو سگهجي. پي سي بي سربراهه کان سوال ڪيو ويو ته مئنيجمينٽ ۾ تبديلي ٿي رهي آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته في الحال اهو موقعو ناهي ان تي ڳالهائڻ جو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو