207

آمريڪا پنهنجا خدشا دهشتگردي وارن ڀارتي منصوبن لاءِ رکي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڀارت پاران شاهد اماڻڻ ۾ سستي سان ممبئي ڪيس ۾ قانوني عمل رڪيل آهي، آمريڪا پنهنجا خدشا دهشتگردي وارن ڀارتي منصوبن، انهن کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي مدد لاءِ رکي. آمريڪا پاران ذڪي الرحمان لکوي کي سزا ڏيڻ واري عدالتي فيصلي کانپوءِ جاري ڪيل بيان جو ردعمل ڏيندي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت پاران شاهد اماڻڻ ۾ سستي سان ممبئي ڪيس ۾ قانوني عمل رڪيل آهي، آمريڪا پنهنجا خدشا دهشتگردي وارن ڀارتي منصوبن، انهن کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي مدد لاءِ رکي، پاڪستان پنهنجي قانون تي مڪمل عمل ڪرائڻ ۽ پنهنجي قومي ذميواري ڀرپور نموني سان ادا ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو