204

نااهلي ۽ نالائقي جي سزا پوري قوم ڀوڳي رهي آهي: ن ليگي ترجمان مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون بابت ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته نااهلي ۽ نالائقي جي سزا پوري قوم ڀوڳي رهي آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان اونداهه ۾ ٻڏل آهي ۽ ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته ايئن ڇو ٿيو؟ هن چيو ته نااهل ۽ نالائق حڪومت کي ڪا خبر ئي ناهي، وزيرن ۽ ترجمانن جي فوج عملي طور تي اونداهه ۾ آهي، نااهلي ۽ نالائقي جي سزا اڄ پوري قوم ڀوڳي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو