207

ترڪ صدر جي لبناني اڳواڻ سعد حريري سان ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن سميت علائقائي معاملن تي ڳالهيون

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صدر لبناني اڳواڻ سعد حريري سان ملاقات ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق صدر رجب طيب اردگان سعد حريري سان ملاقات  دوران ٻه طرفن لاڳاپن سميت علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾  سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن  جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن  لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ترڪ صدر چيو ته اسان جو ملڪ ترڪ دوست ۽ برادر ملڪ لبناني عوام جي يڪجهتي ۽ اتحاد لاءِ پنهنجي خدمتن کي جاري رکندو. سعد حريري ترڪي پاران لبنان ۾ سيڙپڪاري ۽ سهڪار تي صدر اردگان جو شڪريو ادا ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو