ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ افغان سيڪيورٽي فورس جي ترجمان سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. افغان گهرو وزارت مطابق ڪابل جي علائقي ڪريتنا ۾ روڊ ڪناري لڳايل بم ڦاٽڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويل ٽنهي ڄڻن جو تعلق پبلڪ پروٽيڪشن فورس سان هو، جن ۾ ترجمان ضياوادان به شامل آهي جيڪو پنهنجي گاڏي ۾ آفيس وڃي رهيو ته ان دوران بم ڦاٽي پيو.
189