242

ٺاروشاهه جي ڀرٽ ۽ سولنگي برادري ۾ تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، علائقي ۾ خوشيءَ جي لهر

نوان جتوئي (رپورٽ: گلاب خان بهڻ) ٺاروشاهه جي ڀرٽ ۽ سولنگي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو، ڀرٽن تي 80 لک ڏنڊ، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ، علائقي ۾ خوشي جي لهر تفصيل موجب ڪجھه عرصو اڳ ڀورٽي لڳ ڳوٺ ڪانڊيرو سولنگي ۾ سولنگي ۽ ڀرٽ برادرين  ۾ پيار جي پرڻي تان ٿيل خوني تڪرار ۾ ٻنھي ڌرين جي قتل ٿيل 4 خونن جو فيصلو زرداري ھائوس نوابشاھه ۾ رئيس مظفر خان جمالي ۽ پ پ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، فيصلي ۾ پ پ ايم پي اي ۽ سياسي سماجي شخصيت حاجي علي حسن زرداري خصوصي طور شرڪت ڪئي. فيصلي ۾ في خون جي بھا 25 لک رکي وئي ۽ ٻانهن جو ڏنڊ 75 لک رپيا رکيو ويو،  فيصلي دوران خون خونن ۾ پاڙيا ويا جڏهن ته 5 لک خرچ ۽ ٻانهن جي 75 لک رپين سميت ڪل 80 لک رپيا ڀرٽ برادري تي ڏنڊ رکيو ويو، نبيري کان پوءِ ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون، سولنگي برادري جو مشير سردار اسرار احمد سولنگي ۽ ڀرٽ برادري جو مشير مير منظور علي پنھور ھو، ان موقعي تي سولنگي برادري جي معزز وڏيرو علي اصغر سولنگي، رئيس امام علي ڀرٽ، علي شير ڀرٽ، برڪت ڀرٽ، ۽ ٻين ڀرٽ برادري ۽ سولنگي برادري جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته فيصلي ۾ ڀرٽ برادري کي پابند بڻايو ويو ته سولنگي برادري جي تڏي تي وڃي سولنگي ڀائرن سان ڀاڪر پائي رنجشون ختم ڪندا،  جڏھن ته ان فيصلي جي خبر پوڻ کان پوءِ علائقي ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو