اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي گيم هلي پئي ته مافيا آڏو گوڏا کوڙيا، پنهنجن مفاد لاءِ گڏ ٿيلن کي ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندس، پرويز مشرف ٻنهي جماعتن کي اين آر او ڏنو، نتيجو اهو نڪتو ته اڌ رقم قرض ۾ هلي وئي، اين آر او ملڪ جي تباهي آهي، اصل رٽائرمينٽ قبر ۾ ٿيندي آهي، اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نواز شريف فوج کي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ چيو، نه ته فوج جنرل باجوه ۽ آءِ ايس آءِ چيف کي ڪيرائي ڇڏي، مايوسي جي انتها آهي ته اهي هاڻي جي ايڇ ڪيو وڃڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اپوزيشن کي ڊپ آهي ته حڪومت 5 سال نه ڪڍي وڃي، ان سان نه رڳو سندن دڪان بند ٿيندا پر هميشه لاءِ هليا ويندا، وزيراعظم چيو ته نواز شريف بيماري بابت ڪوڙ ڳالهايو هو. وزيراعظم ۽ بچاءَ وارو وزير پاڻ مني لانڊرنگ ڪن، اهي ماڻهو پرڏيهه ۾ نوڪري ڪن ته پوءِ ٻين کي ڪير روڪيندو؟ ملڪ جو وزيراعظم دبئي جي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري ٿو، اهي ماڻهو چوري ڪري رهيا هئا ۽ انهن هڪٻئي کي اين آر او ڏنو هو، وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿين ٿا، دنيا حڪمرانن جي ڪرپشن خلاف نڪري ٿي انهن ايف اي ٽي ايف معاملي تي اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي ماڻهو چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻن پيا، ثبوت نٿا کڻي اچن، اسان 4 تڪن تي عدالت وياسين ۽ چئني تڪن ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي هئي، ڳالهيون سچ ثابت ٿيون، افغان جهاد کانپوءِ ملڪ ۾ فرقيواراڻي دهشتگردي شروع ٿي آهي، گهٽ آبادي ۽ ووٽن جي ڪري ماضي جي حڪومتن بلوچستان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته وفاق ۾ جيڪا به حڪومت ٺهندي هئي قبائلي سردار انهن سان اتحاد ڪندا هئا، ترقياتي فنڊ انهن جي ذريعي ئي ورهايا ويندا هئا، سردار امير ٿيا عوام غريب رهجي ويوڀارت ملڪ ۾ فرقيواريت پکيڙڻ چاهي ٿو، داعش جي پٺڀرائي ڪري پيو، مودي حڪومت چاهي ٿي ته پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙيان، ادارن ٽڪراءَ کان روڪڻ لاءِ بهترين ڪم ڪيو. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان جي ٽئڪس مشينري گهڻي ڪرپٽ آهي، ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام مان رڳو 3 هزار ماڻهو 70 سيڪڙو ٽئڪس ڏين ٿا، ٽئڪس نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان ڀارت سان ڳالهين جي حوالي سان چيو ته جيستائين ڀارت والاريل ڪشمير جي پراڻي حيثيت بحال نٿو ڪري، تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون، وقت ٻڌائيندو ته نريندر مودي جي حڪومت ڀارت کي جيترو نقصان پهچايو ايترو ڪنهن حڪومت ناهي پهچايو.
145