شھدادپور (رپورٽ: فقير محمد چانڊيو) شھدادپور جي مشهور وڪيل اشوڪ ڪمار جو ڀاءُ سمس اسپتال شھدادپور جو نڪ ۽ ڪن جو مشھور ڊاڪٽر اشوڪ موھن ولد موهن ڪمار ٻيجلاڻي ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪورونا وگھي لاڏاڻو ڪري ويو، ڊاڪٽر اشوڪ موھن ڪورونا وائرس سبب ڪراچي جي ڊائو اسپتال جي آءِ سي يو وراڊ ۾ داخل ھو، فوتگي جو اطلاح ملندي ئي شھدادپور ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، مڙھ ايمولنس ذريعي شھدادپور آندو ويو. واضع رهي ته ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ڪورونا وائرس صورتحال ۾ تمام گهڻو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اتان ئي هن جاني دشمن وائرس ۾ مبتلا ٿيو، جڏهن ته سندس والد موهن هيپاٽائيٽس ۽گردن جي مرض سبب ڊائلاسز تي آهي، ياد رهي ته ڊاڪٽر اشوڪ موهن ڪجهه وقت اڳ وڊيو پيغام جاري ڪري ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ احتياط جي اپيل ڪئي هئي.
210