راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڪنهن سان به ڪي بيڪ ڊور رابطا نه آهن، اسان کي ان معاملي کان پري رکيو وڃي. فوج کي سياسي معاملن ۾ پوڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ان کي سياسي معاملن ۾گِهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان جو راولپنڊي ۾ اچڻ جو ڪو ڪارڻ نظر نه پيو اچي، جيڪڏهن راولپنڊي آيو ته کيس چانهه پاڻي پيئارينداسين. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته جنهن نوعيت جا الزام هنيا پيا وڃن، انهن ۾ ڪو وزن نه آهي، حڪومت فوج کي چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ڏني، فوج ذميواري پوري ڪندي ايمانداري سان چونڊون ڪرايون، پوءِ به ڪو شڪ آهي ته لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو وڃي، الزام هڻڻ سٺي ڳالهه نه آهي، فوج حڪومت جو ذيلي ادارو آهي، حڪومت سڀني الزامن جو بهتر انداز ۾ جواب ڏئي رهي آهي، فوج کي نه سياسي معاملن ۾ پوڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ان کي سياسي معاملن ۾گِهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڪنهن سان به ڪي بيڪ ڊور رابطا نه آهن، اسان کي ان معاملي کان پري رکيو وڃي. مولانا فضل الرحمان جو راولپنڊي ۾ اچڻ جو ڪو ڪارڻ نظر نه پيو اچي، جيڪڏهن راولپنڊي آيو ته کيس چانهه پاڻي پيئارينداسين، هن وڌيڪ چيو ته فوج حڪومت جو هڪ ادارو آهي، ان بابت جيڪا به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ان بابت حڪومت سٺي نموني سان جواب ڏنو آهي ۽ اها ان کي منهن به ڏئي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو راولپنڊي ۾ اچڻ جو ڪو ڪارڻ نظر نه پيو اچي، جيڪڏهن اچڻ گهري ٿو ته اچي، اسين سار سنڀال لهننداسين کيس چانهه پاڻي پيئارينداسين. ڪجهه پارٽيز طرفان فوج مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي، فوج تي تنقيد ۽ الزامن ۾ سچائي هجي ته جواب ڏيون، پاڪ فوج ڪابه مداخلت نه ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو ڪم پئي ڪري. پاڪستان ۾ داعش جو ڪو منظم دهشتگردن جو ڪو اسٽرڪچر موجود نه آهي. ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ افغانستان ۾ داعش جي مدد ڪري رهي آهي. ڀارت، پاڪستاني عوام کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارتي منصوبن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بلوچستان آهي، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهرجن، آرمي چيف هلندڙ هفتي ڪوئيٽا جي دوري تي ويندو. دشمن قوتون پاڪستان کي ورهائڻ گهرن ٿيون، پاڪستان اندر ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت موجود آهن، ڀارت ٻن ڏهاڪن ايل او سي تي چڙ ڏياريندڙ سرگرمين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، پاڪستان ڀارتي اشتعال انگيزي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ سميت ذميوار رياست جو مظاهرو ڪيو آهي. گذريل 10 سال هر لحاظ کان ڏاڍا ڏکيا هئا، هڪ ڏهاڪي کان سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ تازو معيشت ۽ سيڪيورٽي سان گڏ ڪورونا جهڙن مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو، گڏوگڏ اسان ڀارتي شرپسندي کي به منهن ڏنو، سمورن چئلينجن باوجود قوم متحد ٿي مقابلو ڪيو. هن چيو ڀارت نٿو چاهي ته پاڪستان امن ۽ ترقي جي رستي تي هلي، گذريل ڏهاڪي کان ايل او سي تي ڀارتي شرپسندي جاري هئي، اسان ڀارت جي ناپاڪ ارادن جي نشاندهي ڪئي ۽ مقابلو ڪيو، دهشتگردي خلاف ڪامياب آپريشن ڪيا ويا، خطرا اندريان هجن يا ٻاهريان، اسان سدائين حقيقتن ذريعي نشاندهي ڪئي ۽ مقابلو ڪيو، دهشتگردي خلاف آپريشن سان سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي، هن وقت پاڪستان ۾ ڪا به منظم دهشتگرد تنظيم موجود نه آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت اقليتن جي حوالي سان ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي ۽ ڪشمير جي سطح تي پنهنجي جارحيت کي لڪايو، پاڪستاني ميڊيا ڀارتي پروپئگنڊا کي پڌرو ڪيو، جنهن تي ميڊيا مبارڪن جي حقدار آهي، اسان کي ملڪ جي ڪاميابي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ڪورونا خلاف پاڪستان جي ڪوششن جو دنيا اعتراف ڪري رهي آهي پر دشمن قوتون اسان کي ناڪام ڪرڻ ۾ رڌل آهن، ڀارت خلاف ڊوزيئر ۾ جيڪي حقيقتون آهن، اهي مختلف ملڪن تائين پهچائي ڇڏيون آهن.
126